پنهنجو پريس ڪلب … اچو ته پنهنجي شهر جي عوامي مسئلن جي نشاندهي ڪيون … مرتضيٰ سيال

0
115

 هي تصويرون ڪنهن وڏي شهر جي ڳُتيل آبادي جون ناهن، هي تعلقي ليول جي ننڍڙي شهر محراب پور جي مُک روڊ جون آهن. روڊ جي ٻنهي پاسن کان دڪاندارن جون حد دخليون آهن ته ساڳئي وقت ڀاڄين توڙي ٻين شين جا ريڙها به هن روڊ تي بيٺل نظر اچن ٿا.

گڏهه گاڏي ۽ چنگچي کان ويندي ٽريڪٽر ٽراليون ۽ ٽرڪون به هن ئي روڊ تان گذرن ٿيون جنهن ڪري هن روڊ تي هر وقت ٽريفڪ جام رهي ٿي.

حيدرآباد کان محراب پور شهر جي مک گيٽ تائين پهچڻ ۾ ايتري تڪليف محسوس نه ٿيندي جيتري شهر ۾ داخل ٿيڻ کان اسٽيشن تائين پهچڻ ۾ تڪليف ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اڌ ڪلوميٽر جي هن رستي کي ڪراس ڪرڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ وقت به لڳي سگهي ٿو.

هن شهر ۾ ٽائون ڪاميٽي به آهي ته ساڳئي وقت پوليس ٿاڻو ۽ لوڪل انتظاميا به موجود آهي پر هن روڊ تان گذرندي ۽ ٽريفڪ، حددخلين ۽ بدترين صورتحال کي ڏسي شدت سان محسوس ٿيندو ته هن شهر جي لوڪل انتظاميا توڙي قانون لاڳو ڪندڙ يا قانون تي عمل ڪرائيندڙ بي حسيءَ واري ننڊ سُتل آهن يا وري رضا الاهي سان راهه رباني هليا ويا آهن.

جيڪڏهن لوڪل انتظاميا سجاڳ يا حال حيات هجي ها ته اهڙي تڪليف ڏيندڙ صورتحال تي ڪو غور ويچار ڪري عوام کي مستقل عذاب کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪو حل ضرور ڪڍن ها.

يقينن محرابپور ۾ صحافي لڏو به موجود هوندو پر انهن طرفان به عوام سان ٿيندڙ هن روزانو واري جُٺ تي ڪا رپورٽ يا دانهن ڪوڪ ٻڌڻ ۾ نه آئي آهي.

جن شهرن ۾ اهڙي صورتحال آهي اتان جي باشعور دوستن کي گذارش آهي ته اهڙي قسم جي عوامي مسئلن جي سوشل ميڊيا ذريعي نشاندهي ڪن جيئن اتان جي لوڪل انتظاميا جي اک کلي يا کين ٿوري گهڻي شرمندگي محسوس ٿئي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)