فطرت پنھنجو ڪم ڪري ڄاڻي! … امر فياض ٻرڙو

0
130

 اوھان کي چِڙ لڳندي ھوندي جڏھن سوشل ميڊيا تي دوست اوائلي شيون رکي پڇندا آھن ته ”اوھان جي ٻوليءَ ۾ ھن کي ڇا چئبو آهي؟“اوھان ڪڏھن سوچيو آهي ته چپ چپات ۾ دنيا جي ڊيٽابيسز ۾ اسان جا اھي ٻول تصويرن سميت ڪيئن ٿا داخل ٿيندا وڃن؟ اھو ائين سمجهو ته فطرت پاڻمرادو ٻولي بچائي رھي آھي، جو سوشل ميڊيا تان اھو مواد کڄندو دنيا جي سرچ انجڻين ۾ داخل ٿيندو پيو وڃي.اتي جيڪڏھن ڪتابن ۾ ئي صرف اھي لفظ يا تصويرون ھجن ھا ته پئي پئي شايد ختم ٿي وڃن ھا. پر ياد رکو دوستو، ھتي لفظ ڳالهايا ڀلي نه وڃن پر ڊاڪيومينٽ ٿيندا پيا وڃن.۽ ڊاڪيومينٽ ٿيندڙ شيءِ ناھي مرندي. سو متان سمجهو ته ٻولي ختم ٿي ويندي!