نوجوان انهن بنيادي شين جو خيال ڪن … سيد خليل احمد

0
134

 منهنجي هن تصوير ۾ پويان نظر ايندڙ لڳ ڀڳ پنج گاڏيون اوهان ڏسي رهيا آهيو ٿورو غور سان ڏسو اڇي رنگ جي لڪير جي سڀ ٻئي پاسي آهن ڇو ته اها بس لين آهي. انهن قومن جي ترقي جو سبب انهن جو بهترين نظام ۽ عوامي شعور (Civic Sense) آهي.آئون پارڪ جي ڀرسان ٻيٺل آهيان پٽ تي نظر ايندڙ ڪنهن گهر جو ڪچرو ناهي پر وڻ جا پتا آهن. منهنجي پويان ڊسٽ بن کانسواءِ ڪير به روڊ تي ڪچرو ناهي اڇلائيندو اسان جي گهرن اڳيان سرڪار جا ڊسٽ بن پيل آهن جيڪي اسين ڀريندا آهيون ۽ سرڪاري گاڏي کڻي ويندي آهي.سنڌ ۾ سرڪار مان مونکي ڪا به اميد ناهي تنهن ڪري آئون سنڌ جي باشعور نوجوانن کي اها گذارش ڪندس ته هنن بنيادي شين جو پنهنجي ڌرتي تي خيال رکو. اوهين سنڌ جا اڳواڻ آهيو اگر اوهان چند هزار نوجوان انهن بنيادي شين جو خيال ڪندئو ته لکين سنڌ جا ماڻهون اوهان جي پيروي ڪندا ۽ پاڻ هڪ مهذب معاشرو جوڙينداسين. (فيس بوڪ وال تان ورتل)