سوال/سروي … پي ٽي آءِ – پي ڊي ايم تڪرار: اسيمبليون ٽٽنديون، وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون يا نه ؟ عوام جي راءِ ورهايل

0
135

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ – پي ڊي ايم تڪرار: پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙيون وينديون؟ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ- ق ليگ حڪومت ختم ٿيندي ؟ وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ٿيندو ؟ ٻنهي صوبن ۾ گورنر راڄ لڳندو ؟ موجوده سياسي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته عمران خان يوٽرن وٺندو، اسيمبليون نه ٽوڙيون وينديون نه ئي وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون، پرويز الاهي وڏ وزارت نه ڇڏيندو، ڪجهه  ماڻهن اهو چيو ته اسيمبليون ٽوڙيون وينديون، چونڊون ته نه ٿينديون پر سياسي صورتحال خراب ٿيندي، گورنر راڄ به لڳي سگهي ٿو،  سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته عمران خان يوٽرن وٺندو، اسيمبليون نه ٽٽنديون، اتحادين خاص ڪري چوڌرين وڏ وزارت لاءِ ايترا پاپڙويلڻ کان پوءِ پنجاب جي وڏ وزارت ھٿ ڪئي آھي اھا ائين ئي ڪونه وڃائي ڇڏيندا اھا ڪرسي چوڌري پرويز الاھي جو جنون آھي جيڪا ھو ايتري آساني سان نه ڇڏيندو، عظمت الله ٻرڙو لکيو ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم جو تڪرار صرف لفظي گولاباري آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون اسيمبليون نه ٽٽنديون عمران خان اسيمبلين جي ٽوڙڻ واري بيان تان يوٽرن وٺي ويو آهي ان ڳالھه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو وقت کان اڳ چونڊون نظر ڪانه پيون اچن وقت تي ئي ٿينديون ٻنهي صوبن ۾ گورنر راڄ لڳڻ جا امڪان ناهن صرف عمران خان کي ڊيڄارڻ جي لاءِ ليگي اڳواڻ بيان بازي ڪري رهيا آهن، موجوده سياسي صورتحال مطابق نواز شريف ڏيھه ايندو سندس نااهلي ختم ٿيندي ۽ عمران خان نااهل ٿيندو ايندڙ چونڊن ۾ نواز ليگ پ پ ۽ جي يو آءِ اليڪشن ۾ سوڀاري ٿي گڏيل حڪومت ٺاهي سگهن ٿيون، شنڪر لال لکيو ته پي ٽي آءِ اسيمبليون ٽوڙيون ته وقت کان اڳ اليڪشن نه ٿيندي،پر سياسي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي….نماڻو نوناري لکيو ته  چونڊون وقت تي ٿينديون سياسي رسا ڪشي هلندي رهندي، فضل سبزوئي لکيو ته پي ٽي آءِ اسيمبليون نه ٽوڙيندي عمران خان هوائي فائر ڪرڻ جو ماهر آهي وقت کان اڳ اليڪشن ٿيندي نظر نٿي اچي،سينگار علي رضا لکيو ته عمران خان پنجاب اسيمبلي ڪونه ٽوڙيندو اگر ائين ٿيو ته به ڪو به فرق نه پوندو ڇاڪاڻ ته اليڪشن هونئن به وقت تي ٿيندي. امتياز لغاري لکيو ته پي ٽي آءِ پنھنجي ھڪڙي فصلي تي نٿي بيھي پھرين ڌرڻي جو اعلان پوءِ وري ڌرڻا بند وري اسيمبلين ٽوڙڻ جا اعلان، پي ٽي آءِ مان پاڪستان کي ڪا اميد نه آهي، نور عمراڻي لکيو ته ڪرسي جي جنگ آھي.. پر وري به زرداري کان سڀ چڱا آھن…محمد فياض وساڻ لکيو ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙيون وينديون؟ وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ٿيندو، رميش ڪي لکيو ته اٽو 110کان به ڪراس پيو ڪري، برسات متاثر سيءَ ۾ بي يارو مددگار آھن ۽ مھانگائي تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ سڄو ڊرامو آهي، حڪومت مدو پوري ڪندي، اليڪشن پنھنجي ٽائيم تي ٿيندي، عمران گل سومرو لکيو ته ڪجهه به نه ٿيندو سڀ پراڻي پگهار تي ڪم جاري رکندا هاڻي پي ڊي ايم پي ٽي آءِ کان بليڪ ميل نه ٿيندي اڳتي ملڪ بهتري طرف ويندو، فضل الرحمان لکيو ته نه اسيمبليون ٽٽنديون نه وري وقت کان اڳ اليڪشن ٿيندي باقي ٻنھي صوبن ۾ عدم اعتماد جي رٿ يا گورنر راڄ لڳڻ کپي. ذوالفقار علي راهمون لکيو ته سياسي سُٽ ڪافي منجهيل آھي چونڊون وقت کان اڳ ۾ ٿين يا پوءِ پر لڳي ٿو اليڪشن ۾ پي ڊي ايم وارن کي شڪست نصيب ٿيندي ۽ پي ٽي آءِ جو پلڙو ڀاري آھي ڇو ته پي ٽي آءِ اڳ ۾ به ضمني چونڊن ۾ ملھه ماري چڪي آھي باقي صورتحال ڳنڀير ٿي ته گورنر راڄ لازمي لڳندو، سڪندر علي مهر لکيو ته اسيمبلين کي پنهجي مدت پوري ڪرڻ کپي، وقت کان اڳ چونڊون نه ٿيڻ کپن باقي سڄي جنگ ڪرسي جي آهي عوام جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي، مراد علي لکيو ته اسيمبلي ڪونه ٽٽندي عمران به ھاڻ ٿڌو ٿي ويو آھي باقي ڪجهه مھينا رھيا آهن اليڪشن ۾ موجوده حڪومت ڪجهه مھينن کانپوءِ اليڪشن جي تاريخ ڏيندي ۽ نئين سال جي آخري مھينن ۾ اليڪشن ٿي ويندي سڄو کيل ختم ٿي ويندو ٻه ٽي مھينا ڇڪ ڇڪان ۾ گذري ويندا، حبيب الله مهر لکيو ته پي ٽي آءِ اسيمبليون نه ٽوڙيندي نه ئي وري وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون . سيف الله پنهور لکيو ته پرويز الاهي جي يوٽرن وٺڻ کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال ٻڌائي ٿي عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندو ۽ ممڪن آھي ته مارچ يا اپريل تائين نيون چونڊون ٿي وينديون، آصف علي سومرو لکيو ته اسيمبليون شايد نه ٽٽن گورنر راڄ جا گھڻا امڪان آهن، اسلم سومرو لکيو ته ڪجھه به ڪونه ٿيندو عمران خان جا رڳو سکڻا حوال آھن، عرفان سيلرو لکيو ته سوال ئي پيدا ڪونهي جو پرويز الاهي عمران خان جي چوڻ تي پنجاب اسمبلي ٽوڙي..؟ صفدر لکيو ته نه اسيمبليون ٽٽنديون نه وري وقت کان اڳ اليڪشن ٿيندي عمران خان جون رڳو سکڻيون ڦوڪون آھن، عبدالسميع لکيو ته نه اسيمبليون ٽوڙيون وينديون نه ئي وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته عمران خان جو فيصلو بلڪل صحيح آهي، سنتوش ڪمار لکيو ته پنجاب ته پي ٽي آ ءِ جي هٿان  نڪري ويندو، قاسم سومرو لکيو ته وقت کان اڳ چونڊون مشڪل ٿي سگهن نه ئي گونر راڄ لڳندو نه وري صوبائي حڪومت ٽوڙيندا صرف سياسي بيان آهن، ساگر باسط بلوچ لکيو ته پي ٽي آءِ اسيمبليون ٽوڙيون ته  وقت کان اڳ اليڪشن ڪونه ٿيندي،پر سياسي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي…. عرفان علي چانڊيو لکيو ته سڀ ڪرسي جو جهيڙو آهي، جنيد زرين بلوچ لکيو ته عمران خان حڪومت تي پريشر رکي ٿو. باقي اليڪشن پنھنجي ٽائيم تي ٿيندي نظر اچي رھي آھي، خميسو آريسر لکيو ته عمران جو ڪو به ڀروسو ناهي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، امتياز علي لکيو ته انهي سڀني معاملن سان عوام کي ڪهڙو فائدو رسندو، احسان لغاري لکيو ته اليڪشن يا سليڪشن وقت تي ٿيندي ھنن جا تڪرار ته سياسي ۽ ڪرسي لاءِ ھوندا آهن، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سياسي بيان مڙئي ھلندا رھندا مگر پاڪستان آھي ڪجھه به ٿي سگھي ٿو اڄ ڪلهه سياست نه پر روزگار ڪيو وڃي ٿو، نعمت الله راهمون لکيو ته ڪجهه به ڪو نه ٿيندو، اليڪشن وقت تي ٿيندي، جواهر لال اميداڻي لکيو ته ڪجھه ئي ڪونه ٿيندو،عوام مھانگائي خلاف ھاءِ گھوڙا نه ڪري ان لاءِ اھي ھوائي خبرون ھلنديون رھنديون ۽ وقت تي اليڪشن ٿيندي. جان لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، تيجو مل سوٽھڙ ھنسراجاڻي لکيو ته عمران ويچارو اڪيلو، شهمير علي لکيو ته پي ٽي آءِ اسيمبليون ٽوڙيون ته وقت کان اڳ اليڪشن ڪونه ٿيندي،پر سياسي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي….رفيق جهتيال لکيو ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم کي اشاري جو انتظار آهي، ڊاڪٽر خليق زمان لکيو ته انهي سڀني معاملن سان عوام کي ڪهڙو فائدو رسندو؟ الياس سمون لکيو ته ائين ته ناهي پر پاڪستاني سياست تي ڪجهه به ڊن نٿو ڪري سگهجي ڇا به ٿي سگهي ٿو سياست ناهي ڪارونھوار آهي، سرفراز لکيو ته سمورا سياستدان چور آهن، دليپ ڪمار لکيو ته خبر ناھي ڇا پيو ٿئي پاڪستاني سياست ۾…