پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جاري

0
169
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ بابت ان چيمبر ٻڌڻي شروع ٿي وئي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ پاران ٻڌڻي ڪئي وڃي

جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس منيب اختر به بينچ ۾ شامل آهن، اٽارني جنرل، اسٽيٽ بينڪ جا آفيسر، اليڪشن ڪميشن جو سيڪٽري ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار عدالت اڳيان پيش ٿيا، ان کان اڳ اٽارني جنرل وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ ضروري هدايتون ورتيون

ذريعن موجب حڪومت پاران عدالت کي آگاهي ڏني ويندي ته پارليامينٽ جي منع ڪرڻ سبب پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپيا جاري نٿا ڪري سگهجن

هي به پڙهندا

وزير اعظم سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مشاورت لاءِ اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو