ڀريا سٽي ويجهو پوليس مقابلو جڙتو نڪتو، ٻن ڄڻن کي زميني تڪرار تان قتل جو انڪشاف

0
304

ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀريا سٽي ويجهو ٻن ڄڻن مقيم لاکو ۽ عجب لاکو کي جڙتو مقابلو ڄاڻائي مارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، وارثن پوليس مقابلي واري دعويٰ رد ڪري ڇڏي

 ڳوٺ عثمان ڳاھيچو ڀرسان 4 ڏينهن اڳ پوليس مقابلو ڄاڻائي ٻن ڳوٺاڻن مقيم لاکو ۽ عجب لاکو کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي

مارجي ويل ڳوٺاڻن جي وارثن عظيم لاکو، مسمات زيبان لاکو، مسمات اربيلان، سڄڻ لاکو ۽ ٻين احتجاج ڪندي پوليس اهلڪار جبار مري ۽ عظيم ملاح تي الزام هنيو آهي ته انهن زمين جي تڪرار تان اسان جي نوجوانن کي قتل ڪري  جڙتو مقابلو ظاهر ڪيو آهي

 هنن جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار جبار مري جي چاچي صوف مري برادري جي محمود مري جي زمين تي قبضو ڪيو هو، محمود مري جي چوڻ تي اسان زمين مقادي تي کنئي ته پوليس اهلڪار جبار مري مڇرجي پيو

 هنن چيو ته اسان جا نوجوان ڳوٺ عثمان ڳاهيچو مان سرن جي ٽرالي ۽ کير وٺڻ ويا هئا ته ٻنهي پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪري کين قتل ڪيو ۽ پوءِ پوليس مقابلو ڄانائي ڇڏيو، اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي جيڪڏهن ڏوهاري هئا ته کين گرفتار ڪري قانون تحت سزا ڏني وڃي ها

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو آهي ته خدارا عدالت کان مٿانهون قتل ڪيل ٻن نوجوانن جي ٻچن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ انهن ٻن اهلڪارن خلاف جاچ ڪرائي وڃي

هي به پڙهندا

ڪراچي مان گم ٿيل پ پ اڳواڻ اياز مهر جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ ڌرڻو