پنجاب پوليس ٽن نوجوانن کي سنڌ جي ڌاڙيلن هٿان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

0
328
پنجاب پوليس ٽن نوجوانن کي سنڌ

ڪراچي: پنجاب پوليس ٽن نوجوانن کي سنڌ جي ڌاڙيلن هٿان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي

 رحيم يار خان ضلعي جي ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي پوليس موجب اوڪاڙا جا 3 نوجوان عورتاڻي آواز ۾ ڪيل فون ڪالز تي هرکجي سنڌ وڃي رهيا هئا

پوليس موجب پوليس فون ڪالز ٽريس ڪري ٽنهي نوجوانن کي ڌاڙيلن جي هني ٽريپ ۾ ڦاسڻ کان بچائي ورتو، ارسلان، عمر ۽ مظهر ڌاڙيلن جي ڄار ۾ ڦاسڻ کان بچائڻ تي پوليس جا ٿورا مڃيا

 پوليس موجب ٽئي نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي گهران نڪتا هئا، وارثن ريناله ٿاڻي تي ٽنهي جي اغوا جو ڪيس به داخل ڪرايو هو

هي به پڙهندا

صادق آباد جي ڪرسچن ڪالوني ۾ هڪ گهر مان 3 خواجا سرائن جا لاش هٿ