صادق آباد جي ڪرسچن ڪالوني ۾ هڪ گهر مان 3 خواجا سرائن جا لاش هٿ

0
280

ڪراچي: پنجاب جي شهر صادق آباد جي ڪرسچن ڪالوني ۾ هڪ گهر مان 3 خواجا سرائن جا لاش هٿ آيا آهن، 2 خواجا سرا بيهوشيءَ جي حالت ۾ مليا

ان سلسلي ۾ پوليس پهچي ٽنهي خواجا سرائن جي لاشن کي ۽ بيهوش خواجا سرائن کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي

 پراسرار طور فوت ٿيل خواجا سرائن ۾ سلطان، شڪيل ۽ رياض شامل آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي خواجا سرائن جو موت ڪا زهريلي شيءِ واپرائڻ سبب ٿيو آهي

پوليس موجب گهر ۾ پيل چانورن ۽ ٻين کاڌي پيتي وارين شين جا سيمپل ورتا ويا آهن، جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون، ڊي پي او رحيم يار خان اختر فاروق رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

هي به پڙهندا

ڪنب ۾ معصوم ٻارڙين سان زيادتي ڪري سندن وڊيوز ٺاهيندڙ جوابدار کي پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو