ٽنڊو مستي ويجهو جوڙو مبينا طور اغوا بعد بازياب، 8 جوابدار گرفتار

0
338

ٽنڊو مستي (رپورٽر) ٽنڊو مستي ويجهو جوڙو مبينا طور اغوا بعد بازياب، 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ٽنڊو مستي ويجهو پسند جو پرڻو ڪندڙ  جوڙو مبينا طور اغوا بعد پوليس جي ڪارروائي ۾ بازياب ٿي ويو

وارثن موجب گمبٽ جي اسپتال علاج لاءِ ايندڙ ڪونج  ۽ سندس مڙس دلبر بگٽي کي دعا  چوڪ وٽان هٿياربندن اغوا ڪيو

ناري جو چوڻ هو ته اسان جي رڙين تي گشت ڪندڙ پوليس پيڇو ڪيو، ڪار سوار هٿياربند ڪجهه فاصلي تي ڇڏي فرار ٿي ويا

پوليس موجب ناري جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، 8جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، اغوا ۾ استعمال ٿيل ڪار به هٿ ڪئي وئي آهي

ميهڙ واسڻ ڪونج لاشاري روهڙي  واسي دلبر بگٽي سان ڏيڍ مهينو  اڳ عدالت ۾ پرڻو ڪيو هو، اڄ جوڙي کي اسپتال اچڻ دوران اغوا ڪيو ويو، جوڙي کي پوليس بچائي ورتو آهي، جوڙي پاران تحفظ جي گهر ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

ڪنب ۾ معصوم ٻارڙين سان زيادتي ڪري سندن وڊيوز ٺاهيندڙ جوابدار کي پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

پنجاب پوليس ٽن نوجوانن کي سنڌ جي ڌاڙيلن هٿان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو