ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) سنڌ جي سياحت ، ثقافت ، نوادرات ، آثارقديمه ۽ تعليم کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ سنڌ جي ڪيترن ئي قديم آثارن تي والار جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته مڪلي قبرستان هڪ تهذيب ۽ تهذيبن جي سڃاڻپ طور آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي وقت جا هيرو دفن ٿيل آهن ته وري غدار به دفن ٿيل آهن ته ٻئي پاسي بادشاھ دفن ٿيل آهن ته وري مڪلي ۾غلام به دفن ٿيل آهن جنهن ڪري مڪمل جيئري جاڳندي ساھ کڻڻ واري تهذيبن جي تاريخ جو مظهر مڪلي آهي، عالمي ورثي قرار ڏنل مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ انڊومينٽ ٽرسٽ فنڊ پاران سنڌ جي پهرين تاريخدان محقق ۽ شاعر مير علي شير قانع ٺٽوي جي مقبري (چوڪنڊي) جي تيار ٿيڻ واري تختي ڪشاهي واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي عالمي ورثي واري لسٽ ۾ شامل ملڪ جي 6 عالمي ورثن ۾ سنڌ جي 2 عالمي ورثن طور موهن جو دڙو ۽ مڪلي آهن، هن چيو ته جڏهن هو 2016ع ۾ لاڳاپيل کاتي جو وزير ٿيو ته کيس پڻ يونيسڪو پاران ليٽر لکي چيو ويو ته فيبروي 2017ع تائين يونيسڪو جي ڄاڻايل رڪمنڊيشن ۾ مقبرن توڙي آثارن جي متاثرن هنڌن تي ڪريڪ مانيٽر ، ويدر اسٽيشن ، مقبرن جي بورڊن تي نالن ۽ بائونڊري وال واري ڪم جي نه ٿيڻ جي صورت ۾ مڪلي کي عالمي ورثي واري لسٽ مان خارج ڪيو ويندو، هن چيو ته هن فوري طور تي ڪوششون وٺي سواءِ بائونڊري وال جي ٻيا ڪم جن تي ڪروڙين روپيا نه پر 30 لک رپيا خرچ ڪري اهي ڪم ڪرائي مڪلي کي انهن جي معيار مطابق بچائي ورتو آهي، هن چيو ته مڪلي ۾ مدفون مير علي شير قانع تحفت الڪرام ، مڪلي نامون ڪتابن سميت 42 ڪتاب تحرير ڪيا آهن پر ان جو مقبرو نه هيو هن چيو ته انڊومينٽ ٽرسٽ فنڊ پاران مير علي شير قانع ٺٽوي جو مقبرو جوڙي راس ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان کان اڳ جي سيد پاڻ ئي هڪ هڪ پٿر کڻي رکن ها ته مير علي شير قانع جو مقبرو ٺهي پي سگھيو پر انهن پاران اهو نه ڪيو ويو، هن چيو ته هو ذات ۾ نه پر ڪردار ۽ ان جي اهميت کي فوقيت ڏي ٿو، هن چيو ته ڪلچر کاتي يا منسٽري جو ڪم آهي ادارا ٺاهڻ ۽ ادارن سنڌي لينگويج اٿارٽي ، سنڌي ادبي بورڊ ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انسٽيٽيوٽ جو ئي ڪم آهي ته ڪم ڪن هن چيو ته تاريخي ماڳ مڪانن ۽ آثارن کي قبولڻ جي ضرورت آهي ۽  آرڪيالاجي ۾ پروفيشنل ۽ نوڪرين جي موقعن ملڻ سان ئي آرڪيالاجي جي شاگردن جي نوڪرين ۾ اچڻ سان آثار پڻ محفوظ بڻجي سگهن ٿا، جڏهن ته ميديا سان پڻ ڳالهائيندي هن چيو ته تازين برساتن سبب رني ڪوٽ کان مڪلي تائين تاريخي آثار متاثر ٿيا آهن ۽ انهن جي بحالي لاءِ گھٽ وسيلن سبب انڊومينٽ ٽرسٽ فنڊ سان گڏ ڪم ڪري ڪري رهيا آهيون،  هن اعتراف ڪندي چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي قديمي آثارن ۽ قومي ورثن جي پلاٽن تي قبضا آھن پر بدقسمتي سان لينڊ مافيا ڪافي هنڌن کي تڪراري بڻائي عدالتن مان منع ناما حاصل ڪيا آھن جنهن لاءِ سنڌ جي باشعور ڌرين کي اڳتي اچڻو پوندو، ان موقعي تي  انڊومينٽ ٽرسٽ فنڊ (اي ايف ٽي) جي اڳواڻ حميد آخوند، اشتياق انصاري ، سنڌ مدرست الاسلام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب سحرائي ، شعيب اسماعيل پڻ خطاب ڪيو.