پنجاب جي ڪچي ۾ مغوين جو ڌاڙيلن تي حملو، هڪ ڌاڙيل ۽ 2 مغوي مارجي ويا

0
249
پنجاب جي ڪچي ۾ مغوين جو ڌاڙيلن تي حملو، هڪ ڌاڙيل ۽ 2 مغوي مارجي ويا
پنجاب جي ڪچي ۾ مغوين جو ڌاڙيلن تي حملو، هڪ ڌاڙيل ۽ 2 مغوي مارجي ويا

سنڌ پنجاب دنگ تي مغوين جو ڌاڙيلن تي حملو، هڪ ڌاڙيل ۽ 2 مغوي مارجي ويا

پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين ڌاڙيلن تي حملو ڪيو، هڪ ڌاڙيل ۽ 2مغوي مارجي ويا، هڪ مغوي زخمي ٿي پيو

پنجاب جي ڪچي ۾ پهري تي ويٺل ڌاڙيل نوٿو شر کي ننڊ اچي وئي ته مغوين سندس رائيفل کڻي کيس ماري ڇڏيو

مارجي ويل ڌاڙيل جي ساٿين جي فائرنگ ۾ 2 مغوي به مارجي ويا، هڪ زخمي ٿي پيو

پوليس اختيارين موجب واقعو ماڇڪو ٿاڻي جي حد  چوڪي نمبر  هڪ تي پيش  آيو

رائونتي پوليس موجب ڌاڙيلن وٽ 6 مغوي يرغمال بڻيل هئا،  جن مان 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ  زخمي ٿي پيو آهي

رائونتي پوليس ۽ پنجاب پوليس  پاران مارجي ويل مغوين جا لاش هٿ  ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن

ڌاڙيلن هٿان مارجي ويل  مغوين جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي، لاش ڌاڙيلن جي قبضي ۾ پيل آهن