ڪراچي ۾ ميئر لاءِ پ پ جي حمايت ڪندڙ نواز ليگ ڊپٽي ميئرشپ گھري ورتي

0
334

ڪراچي ۾ ميئر لاءِ پ پ جي حمايت ڪندڙ نواز ليگ ڊپٽي ميئرشپ گھري ورتي آهي

پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي اڳواڻن جي ويهڪ، صوبائي وزير سعيد غني، وقار مھدي ۽ ٻين جي شرڪت پڻ شرڪت ڪئي

 ويهڪ ۾ نواز ليگ پاران ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني، اڪبر گجر، منور رضا ۽ خواجا شھاب شريڪ

ٻنھي پارٽين جي اڳواڻن پاران ميئر جي چونڊ بابت ڳالهيون ڪيون ويون

کيئل داس ڪوهستاني جو چوڻ هو ته ڪي ايم سي ۾ پ پ کانپوءِ انھي اتحاد جي واحد جماعت نواز ليگ آهي، نواز ليگ وٽ ٻين کان وڌيڪ 14 سيٽون آهن، ڊپٽي ميئر نواز ليگ جو حق بڻجي ٿو

پ پ اڳواڻ سعيد غني جو چوڻ ته پ پ وفاقي حڪومت ۾ شامل سمورن پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي،  نواز ليگ جي مطالبي کي قيادت آڏو رکيو ويندو، پارٽي چيئرمين ان حوالي سان حتمي فيصلو ڪندو