پاڻي کوٽ ۽ نون ڊيمن جو سوال !

0
533

18مئي 2021ع جي روزاني “پنهنجي اخبار” ۾ نامياري پاڻي ماهر ادريس راجپوت صاحب جو سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ جي معاملي تي “سنڌ ۾ بئراجن تي پاڻي جي کوٽ” جي عنوان سان هڪ مضمون پڙهڻ لاءِ مليو. توڙي جو فاضل ليکڪ صاحب سنڌ اندر پاڻي کوٽ جي معاملي تي ديا مير ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ ۽ سنڌ اندر پاڻي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻ خاص ڪري ديا مير ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ واري واري سان ڪو نه ڪو مضمون لکندو رهندو آهي ۽ اسان جهڙا ناسمجھه سائين جن جي ڊيمن متعلق لکڻين مان پيا فيضياب ٿيندا آهيون.
ان کان اڳ به سائين جن تاريخ 23 مارچ 2021ع تي “پنهنجي اخبار ۾” ڇا ديا مير ڀاشا ڊيم ٺاهڻ سنڌ جي مفادن وٽان آهي؟ جي عنوان سان هڪ ڪالم لکي سنڌ جي پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڀاشا ڊيم جي قيام لاءِ دليل پئي ڏنا ته پاڻي کوٽ جو واحد حل صرف ڊيم خاص ڪري ڀاشا ڊيم ٺاهڻ آهي (جو بقول سندس ته سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم جي ڀيٽ ۾ هن ڊيم تي گهڻا اعتراض ناهن) هڪ اهو ٻيو مضبوط دليل سندس هي رهيو ته؛ ڇاڪاڻ ته اهو (ڀاشا ڊيم) وفاقي سرڪار جي خرچ تي ٺهندو ۽ فائدو سنڌ کي ٿيندو تنهن ڪري سنڌ اندر پاڻي کوٽ لاءِ ڀاشا ڊيم اڻٽر آهي.
سو ان بعد اسان جوابي مضمون پڻ “ڀاشا سميت ڪو به ڊيم سنڌ جي مفاد ۾ ناهي!” جي عنوان سان “پنهنجي اخبار” ڏانهن موڪليو جيڪو 28 مارچ تي ڇپيو به. تازو ئي ادريس راجپوت صاحب جي ذڪر ڪيل مضمون ۾ پڻ ٿوري گهڻي فرق ۽ لفظن جي هيٺ مٿانهين سان گهڻو ڪري ساڳيون ئي ڳالهيون ورجايل هيون، جن جو جواب اسان مذڪوره مضمون اندر ڏنو هو.
تنهن هوندي به انهن نقطن تي اچڻ کان پهرين فاضل ليکڪ جي هاڻوڪي مضمون ۾ جيڪا ڳالھه گهڻي بحث جوڳي آهي يا جيڪا اڳئين مضمون اندر پڙهڻ لاءِ نه ملي سا هي ته ادريس راجپوت صاحب سنڌ اندر ڊيمن جي مخالفت ڪندڙ سنڌي عوام لاءِ هڪ ته سڌي راھه تي اچڻ لاءِ دعائون ٿو ڪري ته ڪاش! سنڌ جو عوام سڌي راھه وٺي ۽ ڊيمن جي مخالفت ترڪ ڪري ٻيو سائين جن مطابق سنڌ جو ڪو به سياستدان جيڪڏهن ڊيمن جي مخالفت ٿو ڪري ته اها عالمي دنيا جي مڃيل اصول ته؛ ڊيم ماحول لاءِ نقصانڪار آهن ۽ ڊيمن ٺاهڻ جو فائدو گهٽ نقصان گهڻو آهي جي اصولن بدران پنهنجي “سياست يا ليڊري” چمڪائڻ لاءِ مخالفت ٿا ڪن! ادريس صاحب مضمون ۾ لکي ٿو:“
سنڌ جا ڪيترائي مخالف اڳواڻ پنهنجي ليڊري چمڪائڻ لاءِ اها (ڀاشا ڊيم جي )مخالفت ڪندا رهندا. اسان رڳو ڪوشش ڪري سگهون ٿا، پر پوءِ به سنڌ وارن جي مخالفت ٿيندي رهندي. انهيءِ صورتحال ۾ اسان رڳو دعا ئي ڪري سگهون ٿا، اها قبول ٿئي يا نه ٿئي اها اللھ سائين جي حڪمت تي منحصر آهي، اسان کي پوءِ به ڪوشش جاري رکڻ کپي.”
هاڻي اهو سنڌ جي عوام تي منحصر آهي ته هُو ڇا ٿي فيصلو ڪري….سنڌ جو اُهو سمورو اهل دانش طبقو ادريس راجپوت مطابق ڀٽڪيل آهي، ڇو ته هنن کي ڀاشا ڊيم جي رحمتن جو اندازو ڪونهي. سنڌ جا سمورا اهي ترقي پسند اڳواڻ، سياستدان جيڪي ڀاشا ڊيم جا مخالف آهن سي بقول ادريس راجپوت جي ته پنهنجي سياسي وجود بچائڻ، پنهنجي ليڊري چمڪائڻ، پنهنجي مشهوري، شهرت لاءِ ڀاشا ڊيم جي مخالفت ۾ آهن. اهو عجيب عجيب منطق آهي! يعني جيڪڏهن مجموعي طور ماحول دشمن ڊيمن جي مخالفت ڪجي ته ٿيو ليڊري چمڪائڻ ته پوءِ سنڌين کي آرٽيڪل 6 جون ڌمڪيون ڏئي غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ وفاقي حڪومت جي سنڌ دشمن ايجنڊا ڀاشا ڊيم جي حمايت کي ڪهڙي خاني ۾ رکجي؟ مخالفت ته ٿي ليڊري چمڪائڻ جي خاني ۾ پر سنڌ جي دشمنن جي پاسي بيهي ماحول دشمن، عوام دشمن، سنڌ دشمن ايجنڊا (ڀاشا ڊيم) جي حمايت ڪرڻ کي ڪهڙي خاني ۾ رکجي؟
ادريس راجپوت صاحب کي اها تمام گهڻي پريشاني آهي ته جيڪڏهن ڀاشا ڊيم نه ٺهيو ته سنڌ کي پاڻي ڪيئن ملندو؟ سائين جن کي گذارش آهي ته پريشان ٿيڻ بدران سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار جو جائزو وٺن، کين خبر پئجي ويندي ته سنڌ جو پاڻي مختلف ڊيمن ذريعي پنجاب جون نيون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ چوري ڪيو ويو آهي.
سائين جن کي اهو به ٻڌائيندو هلجي ته ٿل ڪئنال انگريزن جي زماني کان وٺي ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي پر سنڌين، جي دانهن ڪوڪن سبب نه ٺهي سگهيو. جنرل ضياءُ ڪونه ٺاهي سگهيو، مشرف مڪمل ڪري نه سگهيو پر اسان جي جمهوري پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي ٺهرايو جنهن ذريعي هن وقت به روزانو پاڻي جي سوين ڪيوسڪن جو ڌاڙو لڳي رهيو آهي. ٿورو تصور ڪيو جيڪڏهن اهو ڌاڙو بند ٿي وڃي يعني ٿل ڪئنال، چشما، جهلم ۽ تونسا پنجند سميت سمورا ڌاڙيل واهه بند ڪيا وڃن ته ڇا سنڌ ۾ پاڻي کوٽ گهٽ نٿي ٿي سگهي؟ اڳ ۾ جيئن هنن چشما،جهلم لنڪ ڪئنال هلائڻ جي اجازت ڏني پوءِ ٿل ڪئنال ٺهرايائون ۽ هاڻي سنڌ بئراج ٺهرائي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.