سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جا سبب

0
280
موسمي ڦيرگھير جا اثر

دنيا ۾ پاڻي کوٽ هڪ عالمي مسئلو آهي، وري ڪن درياهن ۾ لٽ وڌيڪ ٿي اچي ته پاڻي کوٽ ٿئي ٿي وري جيڪڏهن ڪنهن درياهن ۾لٽ گهٽ اچي ٿي ته اتي پاڻي کوٽ گهٽ ٿئي ٿي. سنڌو درياهه تي تربيلا ڊيم آهي ٻئي پاسي جهلم درياهه تي منگلا ڊيم ٺهيل آهي پر سنڌ ۽ بلوچستان کي منگلا ڊيم مان پاڻي نٿو ڏنو وڃي. وري ڪن درياهن ۾ ايترو گهٽ پاڻي اچي ٿو ته انهن علائقن ۾ سوڪهڙي واري صورتحال آهي وري جٿي مينهن پون ٿا اتي ٻوڏون اچن ٿيون ۽ تمام گهڻا نقصان ٿين ٿا.
پاڪستان جي صورتحال عجيب آهي هڪڙي پاسي منگلاڊيم مان پاڻي نٿو ڏنو وڃي ۽ ٻئي طرف سنڌ ۾ هر سال پاڻي کوٽ رهي ٿي انهي جو ڪجهه حل هئڻ کپي. هڪڙو ته اهو آهي ته اسان ننڍين شاخن ۽ واٽرن کي پڪو ڪيون ۽ زمين کي ليول ڪريون پر انهي تي سڄو خرچ سنڌ حڪومت کي ڪرڻو پوندو. وري ان ۾ تمام گهڻو وقت 50 کان 60 سال لڳن ٿا. ٻيو حل تمام سولو آهي اهو آهي ته تربيلا کان مٿي ڀاشاديامير ڊيم ٺاهيون جنهن تي سڄو خرچ وفاقي حڪومت ڪري ٿي ۽ ڪري رهي آهي ۽ انهي کي ٺاهڻ ۾ 9 سال لڳندا. جيڪو 50 کان 60 سال جي لحاظ کان ايڏو وڏو عرصو ناهي.
اچو هاڻي ڏسون ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي صورتحال ڪيئن سڌري انهي جا ڪجهه ڪارڻ آهي انهن کي منهن ڏيڻ جي ضروت آهي، اهي سبب هيءَ آهي.
1 : گذريل ربيع ۾ مينهن جو گهٽ پوڻ
2؛ جبلن تي ڄميل برف جو گرمي پد گهٽ هجڻ سبب گهٽ رجڻ
3 : منگلاڊيم سنڌ ۾ کوٽ واري وقت ۾ به ڀرڻ
4 : پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورهاست
5 : سنڌ ۾ کوٽ واري وقت ۾ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال هلائڻ
6: سنڌ ۾ کوٽ واري وقت ۾ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال هلائڻ
اچو ته مٿين ڳالهين جو تجزيو ڪيون:
1 : گذريل ربيع ۾ مينهن جو گهٽ پوڻ:
گذريل ربيع ۾ مينهن گهٽ پيا، انهي جو نتيجو آهي ته انگريزي اخبار ڊان جي هڪ خبر مطابق سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 49 کان 50 سيڪڙو آهي.
2 : جبلن تي ڄميل برف جو گرمي پد گهٽ هجڻ سبب گهٽ رجڻ:
هن وقت گرمي پد ايترو گهٽ آهي جو جبلن تي ڄميل برف گهٽ ٿي رجي جنهن ڪري وهڪرا گهٽ پيدا ٿين ٿا، جيڪڏهن گرمي پد وڌيڪ هجي ته وهڪرا وڌن، پر ايئن نٿو ٿئي. جو گرمي پد نٿو وڌي.
3 : منگلا ڊيم ۾ کوٽ واري وقت ۾ پاڻي ڀرڻ:
جڏهن سنڌ ۾ کوٽ هجي ته منگلاڊيم ۾ پاڻي ذخيرو نه ڪرڻ کپي، ڊيم ۾ پاڻي تڏهن ڀربو آهي جڏهن درياهه ۾ واڌو پاڻي هجي پر پنجاب وارن جي چوڻ تي ارسا وارا اهو بندوبست ڪن ٿا ته کوٽ واري وقت منگلاڊيم ۾ پاڻي ڀريو پيو وڃي. وري اهو پاڻي سنڌ ۾ کوٽ هوندي به ربيع جي مند لاءِ ذخيرو ڪبو آهي. يعني ايندڙ ربيع سنڌ ۾ کوٽ جي باوجود وڌيڪ اهم آهي. جيڪو غلط آهي اهو نه ٿيڻ کپي.
4 : پاڻي جي غير منصفاڻي ورهاست.
پهرين مرحلي ۾ پاڻي تربيلا ڊيم ۾ گڏ ٿيڻ کانپوءِ گذريل پنجن سالن جي سراسري ورهاست مطابق ورهايو ويندو، پر سال 2003ع ۾ اهو مٽائي ٽي سطحي ورهاست مطابق ڪئي وئي جيڪا به غلط آهي، پاڻي،پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 2 مطابق ورهائڻ کپي، انهي ۾ هر صوبي کي ايترو سيڪڙو گهٽ ملڻ کپي جيتري کوٽ آهي.
5 : سنڌ ۾ کوٽ واري وقت ۾ چشم، جهلم لنڪ ڪئنال هلايو وڃي ٿو.
6: سنڌ ۾ کوٽ واري وقت تونسا پنجند لنڪ ڪئنال هلايو وڃي ٿو.
اهي ٻئي ڳالهيون غلط آهن جيڪڏهن سنڌ ۾ کوٽ هجي ته اهي ٻئي لنڪ ڪئنال نه هلائڻ کپن وري اهي ٻئي لنڪ ڪئنال پنجاب جي انهن ايراضين کي پاڻي ڏين ٿا جيڪي اڳي هندستان جي راوي، بياس ۽ ستلج درياهن تان پاڻي کڻنديون هيون جڏهن سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه هجي ته اهي ٻئي لنڪ ڪئنال نه هلائڻ کپن.
نتيجو ڇا نڪتو؟ سنڌ ۾ سڀني بيراجن تي پاڻي کوٽ آهي، گڊو بيراج تي ڪا کوٽ ناهي جو سارين جي پيداوار اپريل مئي ۾ نٿي ٿئي، انهي سبب ڪري اپريل مئي مهينن ۾ پاڻي کوٽ نٿي ٿئي ۽ جون مهني ۾ پوکي ڪئي ويندي آهي جنهن مهيني ۾ پاڻي کوٽ ٿئي ٿي جو سڀڪو ماڻهو انهي مهيني ۾ سارين جو رونبو ڪري ٿو. اچو انهي هيٺين سکر بيراج تي، اتي به پاڻي کوٽ نه هوندي آهي جو ماڻهو وونئڻ ۽ ڪمند پوکيندا آهن جنهن ڪري وڌيڪ پاڻي کپي. سکر بيراج تي پاڻي جو حصو 10.0 ملين ايڪڙ فوٽ آهي پر ٺاهه ۾ ربيع ۾ 26.5 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. اچو ڪوٽڙي بيراج تي اتي ٺاهه ۾ پاڻي جو حصو 18.8 آهي جڏهن ته خريف ۾ 31 سيڪڙو آهي، ڪوٽڙي بيراج کي وڌيڪ پاڻي ملي ٿو اتي خريف ۾ به ساريون پوکيون وڃن ٿيون.
مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي مٿيان جيڪي 6 اعتراض ڪيا ويا آهن انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ سنڌ سرڪار ۽ ان جا نمائنده مختلف ليولن تي ڪوشش ڪن ٿا پيا. جنهن جو ضرور ڪو مثبت فائدو ٿيندو.
اچو ته دعا ڪريون ته سنڌ کي سُڪڻ کان بچائي ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آڻي. : آمين!