اسان جي ڪلهن تي بندوق جو بار آهي

0
606

اڃان شام جا چار ئي ٿيا هئا ته هن جي دل ۾ عجيب اڻتڻ اچي ديرو ڄمايو. هن نه چاهيندي به اڳيان وڌي مونکي آهستي ڪن تي وات رکي سڙٻاٽن ۾ چيو هاڻي مونکي اجازت ڏيو. مونکي پنجين وڳي کان اڳ ڳوٺ پهچڻو آهي جي دير ٿي وئي ته پنهنجي وني ۽ منهنجا ٻار سخت پريشان ٿيندا.ڪنڌڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اي سي واري ٿڌي هال مان نه چاهيندي به گرم جون جي باھه اڇلائيندڙ سج جي هيٺان سفر ڪري ھي ڳوٺ هليو ويو هو.اسان ڊگهي اجلاس کان واندا ٿي هال مان دوستن کان موڪلائي ٻاهر نڪتاسين، سج لهڻ وارو هو آسمان تي روشنيءَ جون گيڙو رتيون لڪيرون ئي مس بچيون هيون. شهر مڪمل خاموش ٿي چڪو هو،ڪنڌڪوٽ جو اوچو ٽاور جيڪو غالبن ستر واري ڏهاڪي ۾ ٺهيو هو سو ڪيترن ئي سالن کان رنگ روغن نه ٿيڻ جي ڪري ميرانجهڙو ٿي چڪو هو. شهر جي وڏي آبادي سينکيو مليل پاڻي پيئڻ جي ڪري ڪاري ڪامڻ جي ور چڙهيل هئي پر مجموعي طور ڪنڌڪوٽ کي بد انتظامي بي رحميءَ جي زرد موسم وڻ ويڙهي جيان ويڙھي وئي هئي. شام ٿيندي ئي ڪنڌڪوٽ ڄڻ مئل ماڻهن جو مقام هجي ايئن سڄو ڏينهن تڪڙين واپاري سرگرمين جي ڦيٿي تي ڊوڙون پائيندڙ ڪنڌڪوٽ شام جي پنجين کان پوءِ جونءَ جي رفتار سان رڙهڻ شروع ڪري ٿو.اي سي هال ۾ منهنجي ڊگهي تقرير دوران مونکي قطعي اها خبر نه هئي ته هال ۾ ويٺل ماڻھن جي ٻنهي هٿن جي تاڙين جي آوازن پويان ڪنهن بندوق جي ناليءَ مان نڪرندڙ گولي جو تيز آواز به سفر ڪري رهيو آهي. مون کي ته اها به خبر نه هئي ته مان مهاتما گانڌي جي عدم تشدد جي فلسفي جي جيڪا پنهنجي تقرير ۾ اپٽار ڪندي جدوجهد ۾ ايماندار رهڻ جا پاٺ ٻڌائي رهيو آهيان ان عدم تشدد جي ابتڙ ڪنڌڪوٽ ڪيترن ئي سالن کان تشدد جي ور چڙهيل آهي. ان ميرانجهڙي شام جو اسان کي واپس حيدر آباد ئي اچڻو هو پر ميزبانن جو خيال هو ته پوليس ۽ رينجرس جي ڪانوائي ۾ ٻلي پير سفر ڪرڻ کان بهتر آهي ته اوهان ٻئي ڏينهن جي سج جي روشني ۾ منزل ڏانهن نڪري وڃو.اسان پنهنجي ڪار جو رخ انڊس هاءِ وي تي ڪرڻ بدران ان ڳوٺ ڏانهن ڪيو جتي دوستن اسان جي رات رهائڻ جو بندوبست ڪيو هو.ڪنڌڪوٽ جي پڪي رستي کان ڪجهه منٽن جي سفر کان پوءِ اسان ڪچي پيچري تي چڙهياسين ميزبانن جو ڊنڀ اسڪوٽرن جي ڦر ڦر جي آواز سان اسان جي اڳيان ۽ پويان هلي رهيو هو نيٺ اسان ان اوطاق جي پڌر تي پهتاسين جتي ٽيهارو کن ڳوٺاڻا کٽن تي ٽُڪ جون رليون وڇايو اسان جو انتظار ڪري رهيا هئا هر ڳوٺاڻي وٽ حيثيت سارو هٿيار ضرور هو انهن ٽيهن مان اڌ کي اڌ رات تائين باقي اڌ مڙسن کي پوئين رات جو سج جي ڪني ڪڍڻ تائين نه رڳو مهمانن جو جاڳي تحفظ ڪرڻو هو پر ڳوٺ جي ننگن ۽ مال ۽ متاع جو تحفظ ڪرڻو هو.اها رات شهرن جي بلبن جي روشنين واري رات کان بنهه مختلف رات هئي آسمان تي تارا ڇٽ ڪري بيٺا هئا. ڳوٺ جي خاموشي مان تڏن جا آواز هالي ووڊ جي هارر فلم جي ڪنهن خطرن سان ڀريل سين جيان ڪڏهن اوچا ته ڪيڏي مهل جهڪا ٿي رهيا هئا.منهنجي کٽ جي ڀرسان ڪانهن جي تيلن جي ٺهيل موڙهي تي ويٺل همراهه کان مون پڇيو ڀلا آخر ڪيستائين هي هٿيار اوهان جي هٿن ۾ هوندا ؟همراهه سگريٽن جو پاڪيٽ کيسي مان ڪڍي هڪ سگريٽ کي تيلي هڻي وڏو ڪش هڻي چيو جيسيتائين سردار نٿا چاهين.تيسين هي هٿيار ۽ اسان ايئن ئي اوجاڳن جي ور چڙهيل هونداسين.مون پڇيو ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪهڙن ڪهڙن قبيلن جا پاڻ ۾ جهيڙا آهن، هن چيو صاحب سڀ قبيلا پاڻ ۾ وڙهيل آهن. مون پڇيو جهيڙي جا ڪارڻ ڇا آهن؟.هن ٻڌايو ڪچي جي ماڻهن جا جهيڙا اڪثر چوپائي مال جي چوري، ٻڪري، ٺڪري تان ئي ٿيندا آهن. جيڪڏهن ڪو چور ڪنهن جي گهر ۾ چوريءَ جي نيت سان ٽپي آيو ۽ ڀاڳين هٿان مارجي ويو ته ان چور جي پلاند ۾ به ماڻهو ماريا ٿا وڃن. ايئن قبيلا پاڻ ۾ وڙهي فنا ٿي ويا آهن. مون پڇيو ڀلا پوليس انهن قبيلائي جهيڙن کي روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي؟.چيائين پوليس خونن ٿيڻ کان پوءِ رڳو چوپايو مال ٻڌڻ، اَنُ ۽ ڪڪڙيون کڻڻ اچي ٿي باقي ڏوهارين کي ڪڏهن به هنن گرفتار ناهي ڪيو.مون پڇيو ڀلا هي جيڪي به اڳواڻ سيد، قرآن ۽ نياڻين سان گڏ قافلا ڌرين کي فيصلن لاءِ راضي ڪرڻ اچن ٿا انهن سان ڪو فرق پيو آهي. هي ميڙ منٿ قافلا……….هن اڌ ۾ منهنجي جملي کي ڪٽي چيو اهي ميڙ منٿ وارا به اسان کي ساڳيو سردارن جي فيصلن جي حوالي ڪري ٿا وڃن جيڪي راڄن کي مڏي ڪاتي سان ڪهن ٿا.
مون پڇيو سو ڪيئن؟
هن مٺ ۾ جهليل سگريٽ جي ٽوٽي جو آخري ڪش هڻي چيو سردان جا فيصلا اوهان شايد ناهن ڏٺا يا ٻڌا. خون، خونن ۾ پاڙيا وڃن ٿا زخمين جا خرچ زخمين ۾ لاٿا وڃن ٿا. پوليس جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ جرڳن ۾ سردارن جي اڳيان ماڻھو ڇاتين تي هٿ هڻي چوندا آهن ته اسان مخالف ڌر جا فلاڻا فلاڻا ماڻهو ماريا آهن. پر انهن قاتلن لاءِ ڪا به جرڳن ۾ سزا مقرر ناهي هوندي.تازو بجاراڻي ۽ تيغاڻين جي وچ ۾ جتوئين جي سردار ايم اين اي ابراهيم جتوئي جي سرپئنچ ۾ شڪارپور ۾ جرڳو ٿيو. جرڳي جا غير معمولي انتظام پوليس ڪيا هئا. ٻنهي ڌرين کي پوليس پھري ۾ آندو ويو ايتري تائين جو جرڳي جي اندر به پوليس آفيسر ويٺا هئا ٻاهر پوليس جي سخت سيڪيورٽي هئي.جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين جا 36 خون ثابت ٿيا. جرڳي مجموعي طور ٻنهي ڌرين مٿان 3 ڪروڙ سٺ لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. بجاراڻي ڌر جا 19 خون ثابت ٿيڻ تي تيغاڻين مٿان هڪ ڪروڙ نوي لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته تيغاڻي ڌر جا سترنهن خون ثابت ٿيڻ تي بجاراڻي ڌر مٿان هڪ ڪروڙ ستر لک ڏنڊ هنيو ويو. ڏنڊ جي رقم ڏنڊ ۾ ڪٽي ويئي باقي تيغاڻي بجاراڻين کي ويهه لک قسطن ۾ ادا ڪندا.
مون پڇيو ڇا تيغاڻي ۽ بجاراڻي کير کنڊ ٿي ويا هن چيو ها کير کنڊ ٿيا مٺائي ورهائي ويئي پر ماڻهن جو رت سان وات ڀريل آهي انهن يتيم ٻارن، بيواهه عورتن ، پوڙهين مائرن ۽ پيئرن جو ڇا ٿيندو جن جي نوجوانن کي بي گناھه ماريو ويو. خون خونن ۾ پاڙيا ويا، ڏنڊ ڏنڊ ۾ ڪٽيو ويو زخمين جا معاوضا زخمين ۾ ڪٽيا ويا. صاحب انهن جهيڙن ۾ اڪثريت ته انهن ماڻهن جي قتل ٿئي ٿي جن جو جهيڙن سان نه اچي نه وڃي بس ڳولي چاچڙ مارڻو آهي يا سبزوئي، تيغاڻي يا بجاراڻي مڙئي ڪن پورا ڪرڻا آهن.مون پڇيو انهن جهيڙن مان سڌي طرح فائدو ڪنهن کي آهي؟ هن هٿ ۾ جهليل مشين کي هنج ۾ رکندي چيو ، سردار، پوليس ۽ ڏوھاري ماڻهن کي.هتي ڀلا اوهان ڪڏهن ٻڌو ته قبائلي جهيڙي ۾ ڪنهن سردار يا ان جي خاندان جي ماڻهو کي ماريو ويو هجي. مون پنهنجي ميموري ري ڪال ڪئي مونکي اهڙي قسم جو ڪو واقعو ياد نه آيو. هن چيو عام ماڻهو جي قتل جي قيمت هنن سردارن ڏھه لک مقرر ڪئي آهي ۽ سردار يا ان جي خاندان جي ماڻهو جي قتل جي قيمت ڪروڙ روپيا مقرر ٿيل آهي. سردارن سان اها جيڪا باڊي گارڊن جي اوهان وڏي پلٽون ڏسو ٿا سي سڀ بنا پگهار جي هنن جي زندگين جي تحفظ لاءِ پهرا ڏين ٿا انهن مان اڪثريت ڏوهارين ۽ روپوشن جي آهي. ڪنهن پنهنجي زال ڪنهن ڀيڻ ڪنهن ڀاڄائي ڪنهن ماءُ کي ڪاري ڪري ماريو آهي ته ڪنهن ڏوهن سان تر تپائي ڇڏيو آهي. سردار جي باڊي گارڊ هجڻ سان پوليس به انهن کي هٿ نٿي لاهي.مون پڇيو اوهان جي زندگي تي قبائلي جهيڙن جو ڪهڙو اثر پيو آهي. ملهول ٿي چيائين سڀ تباھه ٿي ويو آهي. راتيون جاڳي گذاريون ٿا. شهرن ۾ ويندي خوف ٿئي ٿو اجھا ڪا ڪهاڙي ڪياڙي واري لڳي اجھا ڪا بندوق جي گولي لڳي. ٻار اسڪول نٿا وڃي . نه روزگار آهي نه تعليم آهي. اسان جي هٿن ۾ بارود جا ڳلٺا ۽ ڪلاشنڪوف جا غير ضروري بار آهن. سرڪار جا ادارا نٿا چاهين ته اسان جي ڪنڌ تان اهي بار لهن.مون چيو ڪچي جي ڏوهارين وٽ ايڏا جديد ۽ ڳرا هٿيار آهن جو پوليس جي بڪتر بند گاڏين کي ئي تباھه ڪريو ڇڏين ته آخر پوليس ڇا ڪري؟هن آڱر ۾ جهليل سگريٽ جي ٽوٽي کي زمين تي رکي مٿان بوٽ جي کڙي سان رهڙو ڏيئي سگريٽ وسائي چيو پوليس اڪيلو ڇو ٿي ڪچي ۾ لهي اڳيان سردارن جون گاڏيون ڪري پويان پوليس جي گاڏين کي لاهيو جي ڏوهارين پاران هڪ به فائر ٿي وڃي ته جيڪا چور جي سزا سا منهنجي سزا. انهن ئي ڳالهين دوران ننڊ مونکي پنهنجي آغوش ۾ کڻي ويئي.