فنا ۽ بقا جي ٻه واٽي تي بيٺل سنڌ

0
378

ڪشمور ۾ ٿيل قتل عام نه عيد وانگر اوچتو ڪڙڪيو آھي ۽ نه ئي ڪو اتفاقن فقط چاچڙن جا ماڻھو قتل ٿيا آھن هي سڀ ڪجھه ھڪ گهري ۽ انتهائي خطرناڪ سازش جو نتيجو آھي. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ملندڙ هن بارڊر واري علائقي کي لڳاتار تڪراري رکڻ جي ورهين کان ڪوشش ھلندڙ آھي. هن سڄي قهرام کي بس سرداري سسٽم جي مُهرن قبيلائي تڪرار جو نقاب اوڍايو آھي پر هنن خونريز فسادن پٺيان ڪيترن ئي ڌرين ۽ سرڪاري اهلڪارن جا مفاد ڳنڍيل آھن ڪو به ماڻھو ڪٿان به اغو ٿئي ٿو ته ان جي واپسي ايري غيري تيغي ميگي ، ڪنهن يار يا سردار جي معرفت ٿئي ٿي رڳو ڀلا موهن ميگهواڙ جو ئي مثال وٺو ، سردار صاحب ان جي گهر پهچي ٿو ۽ پوءِ مقامي پوليس سان ملي وڏي اداڪاري ڪندي مغوي کي ڪلاڪن اندر بازياب ڪرايو ٿو وڃي اها الڳ ڳالھه آھي ته بعد ۾ ان ڊرامي جي ڊراپ سين ۾ پوليس ۽ سردار جا وکا پڌرا ٿين ٿا.
دراصل بنيادي ڳالھه اها آھي ته گهوٽڪي ،ڪشمور،سکر ۽ شڪارپور اهڙا ضلعا آھن جتي وڏي پئماني تي معدني وسيلا موجود آھن زبردست ايگريڪلچر ۽ فش فارم پڻ موجود آھن هنن ضلعن جو جنم سنڌو ڪناري ٿيل آھي ڪچي ۾ بي پناهه معيشت موجود آھي هي ضلعا ٽن صوبن جي بارڊر تي پڻ مشتمل آھن انهي ڪري هتي جهالت کي عام ڪيو ويو آھي پير پرستي کي هٿي وٺرائي وئي آھي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هنن ضلعن ۾ دهشت وحشت ۽ داداگيري کي عام ڪري مذھب جي جبري تبديلي جا بنياد رکي وڏي پئماني تي ڌرتي ڌڻين کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي.
اچو ته پاڻ رڳو هن تازو جديد هٿيار بند ماڻھن طرفان ٿيل خونريز ۽ موتمار ڪارروائي جا پيرا کڻون، ڳچ ورهيه اڳ رڍ جي چوري تي ٿيل تڪرار کي وري اڀارڻ لاءِ سردارن ۽ انهن کي پيدا ڪندڙ حڪمران طبقن جي وڏي حرفت گيري سان پاليل ڌاڙيلن جي هڪ اهڙي گروهه کي تيار ڪيو ويو جنهن جو پهريان هن تڪرار سان پري جو به واسطو نه هو ۽ پوءِ ظاهري طور ٻن ڌرين يعني سبزوئي ۽ جاگيراڻين چاچڙن جي هڪ ئي خاندان جي چئن سڳن ڀائرن ۽ ٻين ستن ڳڀرو نوجوانن جو اجتماعي قتل ڪيو، جنهن موت يارنهن زندگيون ڳڙڪائي ڇڏيون، راڪيٽ لانچرن، هينڊ گرنيڊ ڪلاشنڪوف رائيفل ۽ ٻين جديد هٿيارن سان هي قهرام سڄي دنيا ڏٺو.
هتي قطعي اهو سوال اهم ناهي ته قاتل ڪير هئا يا سردار ڪهڙا ڪهڙي ڌر جي طرف هئا پر هتي سڀ کان اهم سوال اهو آھي ته آخرڪار هنن خوني درندن وٽ هي جديد بارود جيڪو نه فقط سنڌ پوليس وٽ ناهي پر اهڙا جديد آٽوميٽڪ هٿيار ته رينجرز وٽ به ڪونهن. ڪابل، قنڌار، وانا وزيرستان جو هي سڄو اسلحو ۽ گولا بارود جڏهن بارڊر ڪراس ڪري هتي پهچي ٿو اتي اهاحيرت ضرور ٿئي ٿي ته پوءِ پنجهٺ سيڪڙو بجيٽ خرچ ڪندڙ ادارا آخر ڪار ڇاٿا ڪن؟ هزارين ڪلوميٽر مفاصلو طئه ڪري ايندڙ غير قانوني هٿيارن جي روڪ نه ڪري سگهندڙ هي ملڪ توڙي صوبائي ناڪا بند مختلف ادارا توڙي هي سيڪورٽي فورس ڪهڙي مرض جي دوا آھن.
انهي ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ھن سڄي راند پويان جيڪي لڪل ڪردار آھن انهن جي مڪمل مفادن جي پورائي لاءِ هو خونريز تڪرار ضروري تصور ڪن ٿا.
سياسي پارٽيون جن مان اڪثريت سدائين ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اقتدار کي چھٽيل هجن ٿيون ۔ انهن طئي ڪري ورتو آھي ته ھو فقط وڏيرن، چوڌرين، سردارن ۽ خانن کي پارٽي ۾ شامل ڪندا ڇاڪاڻ ته سندن نظرن ۾ عوام ڪيڙو مڪوڙو آھي ۽ اهو انهن ڀوتارن پيرن ۽ ميرن جو ٻڌو ٻانهون آھي، اهو ئي سبب آھي جو هتي قانون نالي ڪا شيءَ موجود ڪونهي، لاقانونيت جو هتي راڄ آھي، ماڻھن کي چوکنڀو ٻڌي سردارن ۽ جاگيردارن آڏو ڦٽو ڪيو ويو آھي.
40 سال کان قبائلي علائقن معرفت ڪي پي ۽ بلوچستان وٽان سرحدون افغانستان ۽ اڳوڻي سويت يونين جي رياستن تائين کليل آھن، لکين افغانين جي اچ وڃ نه فقط هٿيارن جي اسمگلنگ پر 80 جي ڏهاڪي کان لڳاتار منشيات جي اسمگلنگ ۽ هيومن ٽريفڪنگ جو وڏو ڪاروبار هلندڙ آھي.
80ع جي ڏهاڪي ۾ انهن ئي بارڊرس ۽ افغانين جي سرگرمين سبب سنڌ کي ڌاڙيل ڪلچر جو راڪاس بڇايو ويو جنهن سبب هٿ ٺوڪيا قبائلي سردار پڻ پيدا ڪيا ويا ۽ اهي قبيلي جا سردار جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ نوجوانن هٿان خونريزي ڪرائين ٿا،نوجوان به انهن جي شاطراڻين چالن ۾ اچي بيگناھه ماڻھن تي گولين جو مينهن وسائين ٿا.
سنڌ جي لاءِ ناسور بڻيل قبيلائي تڪرار جيڪو صرف ڪشمور ضلعي ۾ هزارين زندگيون ڳڙڪائي چڪو آھي جڏهن شھيد بشير خان قريشي زنده هو ته ان وقت هو قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ قبيلن جي ڌرين وٽ قافلي جي صورت ۾ وڃي انهن کي سمجهائيندو هو ، ته هو به شھيد جي عزت ڪندي تڪرار کي ختم ڪري ڇڏيندا هئا. قبيلائي تڪرار جيڪو هڪ معمولي ڳالھه تان شروع ٿيندو آھي ۽ پوءِ ان ڳالهه کي انا جو مسئلو ٺاهي اتي جا سردار معصوم نوجوانن جي لاشن جو ڍير لڳائيندا آھن ۽ اتان جي پوليس انهن جي پئسن عيوض مدد ڪندي آھي، هنن مامرن ۾ پوليس جا اعليٰ عملدار به ڀوتارن جا سهولتڪار هجن ٿا. جئين تازو سرعام چاچڙ برادري جي ماڻھن کي قتل ڪيو ويو پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي. قبيلائي تڪرارن جو اصل سبب جهالت آھي هنن علائقن ۾ تعليم جي ڪمي آھي، اسڪول بند ۽ مدرسا کليل آھن ھن وقت به تعليم جي نه هجڻ جي ڪري ڪيترائي ماڻھو توهم پرستي ، اناپرستي،قبيلائي جهيڙن،ڌاڙن ۽ سماج دشمن ڪمن ۾ ملوث ٿي چڪا آھن ۽ انهن کي انهي ڪم ۾ ملوث ڪرڻ وارا قبيلي جا سردار ۽ وڏيرا آھن،
ڪجهه ماڻھن کي ڇڏي ڪري باقي نوي سيڪڙو سردار اهو نٿا چاهن ته انهن جي قبيلي جا نوجوان تعليم حاصل ڪن ، ڇاڪاڻ ته ھو سمجھن ٿا ته جيڪڏهن انهن تعليم حاصل ڪئي ته پوءِ انهن ۾ شعور ايندو ۽ جيڪڏهن شعور آيو ته پوءِ سردار جي چوڻ تي ڪو به راڪيٽ لانچر ڪلهي تي ڪونه کڻندو ۽ نه ئي ماڻھو ماريندويا ٻين قبيلن جي زمينن تي وڃي قبضا ڪندو. مشرف جي دور ۾ اتر سنڌ جي ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور، جيڪب آباد، گهوٽڪي، سکر ،لاڙڪاڻو ۽ شھداد ڪوٽ قمبر ضلعن اندر هڪ سروي موجب لاتعداد مدرسا قائم ڪيا ويا جڏهن ته ذڪر ڪيل ضلعن اندر اڄ به سوين اسڪول ڀوتارن جي مال جا واڙا، ڪتن جي آمجگاهه يا اوطاقون بڻيل آھن پر مزي جي ڳالھه ته اتي عملو مقرر آھي ۽ بدستور پگهار کڻي ٿو ڪم هو ڀوتارن جي منشي گيري وارو ڪري ٿو.
اهو ئي سبب آھي ته ڪچي جي علائقن ۾ اسڪول نالي ماتر آھن ، ڪو به ذھين ۽ هوشيار استاد اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ناهي هوندو، ڇاڪاڻ ته هو ڀوتارڪي محتاجي ۾ ويهڻ پسند ناهي ڪندو جڏهن ته ان کان علاوه ننڍي ننڍي ڳالھه تان قتل ڪرڻ اتي جي ماڻھن جو هاڻي معمول بڻجي چڪو آھي.
سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آھن جيڪي اڳتي هلي وڏي خونريزي جو سبب پڻ ٿين ٿا. قبيلائي تڪرار ۾ صرف جانين جو نقصان ناهي ٿيندو پر انهن قبيلن جي تعليم، روزگار، ٻني ٻارو توڙي وڏي پئماني تي مالي نقصان پڻ ٿيندو آھي ، ڪيترن ئي مائرن جون جهوليون خالي ٿينديون آھن ، ڪيترائي ٻار يتيم ٿي ويندا آھن ، ڪيتريون ئي ونيون بيواھه ٿينديون آھن، ڪيترين ئي ڀيڻن کان ڀائر پڻ جدا ٿيندا آھن.
جيئن ڪجهه عرصو پهرين گهوٽڪي ۾ گهوٽا ۽ ڀيري برادري جي ٿيل جهيڙي ۾ چڱي مڙس جي قتل ٿيڻ کانپوءِ وري باهه ٻري هئي اها اڃان مس ٿڌي ٿي ته شھدادڪوٽ ۾ هڪ ڳوٺ جي مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ جلباڻي برادري جا نوجوان قتل ٿي ويا ،جيئن باهو کوسو ۾ بروهي ۽ کوسا برادري ۾ ٿيل جهيڙو جيڪو هڪ سئو روپئي جي ڪري شروع ٿيو.
کوسا ۽ جتوئي برادري جي تڪرار ۾ ويھه کان مٿي ڳڀرو نوجوان گولين جو کاڄ بڻجي ويا، صرف معمولي ڳالهين تان هزارين نوجوان قتل ٿي چڪا آھن ۽ سردار صرف پنهنجي پڳ جا وربچائڻ جي چڪر ۾ رت جون نديون وهائڻ کان نٿا ڪيٻائن ۽ انهي سمورن کي سرڪاري ڪارندن جي مڪمل حمايت آھي. پ پ پ جي قيادت صرف سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي سپورٽ ڪري ٿي ، نه فقط ايترو پر ويجهي ماضي ۾ جرڳا سي ايم هائوس ۾ پڻ ٿيندا رهيا آھن سو خدارا هتي آئيني طور سرداري سسٽم کي ڀٽي صاحب 70 جي ڏهاڪي ۾ ختم ڪيو هو، ٻيهر سرداري سسٽم يا جرڳا گيري سي ايم هائوس تي ته نه مڙھيو.
آخر ۾ ٿيندو ڇا فقط وڏن سردارن وٽ انهن خونن جو جرڳو ٿيندو ٻنهي ڌرين تي ڏنڊ لڳندو ، سڱ چٽيون ٿينديون ، ڏنڊ جو اڌ حصو سردار کڻندو ڪجهه حصو پوليس کڻندي ، مطلب ته هن هيڏي وڏي هاڃي بعد به حڪمران طبقا تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهن. پوليس ايف آءِ آر ڪٽڻ ۾ ڀوتارن جي محتاج رهي قانون جو هڪ ايٽم به پورو ڪندي سپاهه نظر نه آيو. جيستائين لاقانونيت موجود آھي،
حڪمران طبقن وٽ سردار، ڀوتار، وڏيرو، چوڌري ۽ خان عزت لائق هوندو. عوام ڪيڙي مڪوڙي واري حقير حيثيت ۾ نظرانداز ٿيل هوندو ان وقت تائين هن ملڪ ۾ ڪوبه سڌارو ڪونه ايندو. جنهن وقت تائين پوليس وارا ۽ سياستدان ڪرپٽ ھوندا، ادارا سردارن جي ٽائڪونن جا ڳيجهو بڻيل هوندا ان وقت تائين ڪو به ماڻھو قانون تي عمل نه ڪندو. منهنجي خيال ۾ ھتي ترت قانون جي بالادستي جي ضرورت آھي ٻي صورت ۾ سنڌ پنهنجي امن پسند ۽ جمهوري قوم هجڻ واري حيثيت وڃائي ويهندي.
آخر ۾ آئون سنڌ دوست ڌرين کي اپيل ڪندس ته مهرباني ڪري شھيد بشير خان قريشي جيان پوري سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ايئن نه ٿئي جو سڀاڻي اسان کي پڇتائڻ جو موقعو به نه ملي. ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر حقيقي عوامي قوت قومپرست ۽ ترقي پسند کاٻي ڌر آھي انهن کي اڳيان اچڻ گهرجي، نه ته ھي پيپلا توڙي ليگلا ۽ انصافي ڀوتار سنڌ جو سنڌ سنڌ وڪڻي پنهنجا ڀڀ ڀريندا.