پارس شاهه ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جو رمانڊ منظور: سحر شاهه کي ڌمڪيون

0
608
پارس شاهه ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جو رمانڊ منظور
پارس شاهه ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جو رمانڊ منظور: سحر شاهه کي ڌمڪيون

حيدرآباد عدالت پارس شاهه قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدارن کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته مقتول جي ڀيڻ آرٽسٽ سحر شاهه ڌمڪيون ملڻ جي شڪايت ڪئي آهي

ڀٽائي نگر پوليس جوابدار اسرار ۽ ديدار شاهه کي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ پيش ڪيو

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کان جاچ ڪرڻي آهي،   ان لاءِ سندن 5 ڏينهن جو رمانڊ  منظور ڪيو وڃي

عدالت پوليس جي استدعا منظور  ڪندي جوابدارن کي 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ٻئي پاسي سحر شاهه ٻڌايو آهي ته بااثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن، نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

هن کي به پڙهندا

پارس شاهه جو ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ جي سفارش: سحر شاهه جا ٻيهر اعتراض

انصاف نه ٿيو….. سحر شاهه جو وڏو اعلان