ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي مالي بحران جو شڪار: ملازمن کي پگهارون نه مليون

0
141
ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي مالي بحران جو شڪار
ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي مالي بحران جو شڪار: ملازمن کي پگهارون نه مليون

ڪراچي: ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي مالي بحران جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته ملازمن کي ٽن مهينن کان پگهارون نه ملي سگهيون آهن

پگهارن لاءِ پريشان ملازمن احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته فشريز هاربر جا اثاثا ختم ٿيندا پيا وڃن، آفيسر طبقو ڪرپشن ۾رڌل آهي، فشرمين ڪو آپريٽو سوسائيٽي ڏانهن ڪروڙين رپين جا ڊيوز آهن پر نٿا ڏنا وڃن

ملازمن دانهيو ته پگهارن جا پيسا نه هجڻ باوجود آفيسرز کي پيٽرول ۽ ٻئي مد ۾ لکين رپيا ملي رهيا آهن پر اسان کي پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن

هنن وڏي وزير کي اپيل ڪئي آهي ته ڪراچي فش هاربر اٿارٽي کي سنڌ فشريز ۾ زم ڪري پگهارون ڏياريون وڃن