پارس شاهه جو ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ جي سفارش: سحر شاهه جا ٻيهر اعتراض

0
305

حيدرآباد: ريڊيو ڪمپيئر ماڪن شاهه جي پٽ پارس شاهه جَي پراسرار موت بابت جاچ آفيسر سراج لاشاري جاچ مڪمل ڪري ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

ڪيس جي فريادي سلمان شاهه سندس ڀيڻ سحر شاهه ۽ صنم شاهه جاچ تي ٻيهر خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن

سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي جج موڪل تي هئڻ سبب ٻڌڻي انچارج ڪنزيومر ڪورٽ ۾ ٿي، جاچ آفيسر سراج احمد لاشاري رپورٽ پيش ڪئي

فريادي ڌر جي وڪيل مهلت گهري، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 28 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

فريادي ڌر جي وڪيل صلاح الدين موجب جاچ آفيسر ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني آهي پر اسان کي سخت خدشا آهن، ان لاءِ وري جاچ جو مطالبو ڪيو ويندو

سحر شاهه چيو ته پهرين واري جاچ به صحيح نه ٿي ۽ هاڻوڪي جاچ آفيسر جي جاچ مان به مطمئن ناهيون، لاڳاپيل فورمز سان ٻيهر رابطو ڪنداسين

صنم شاهه ٻڌايو ته ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو،گهر مان قيمتي سامان ۽ زيور به کنيا ويا، پوليس عملدار صحيح نموني جاچ ڇو نه پيا ڪن؟

جاچ آفيسر سراج احمد لاشاري موجب ڪيس جي هر رخ کان جاچ ڪرڻ بعد ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پارس جو موت طبعي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪٿان به ڪا اهڙي شاهدي ناهي ملي جنهن سان لڳي ته واقعو قتل آهي

واضح رهي ته5 مهينا اڳ پارس شاهه جو لاش گهر مان هٿ اچڻ بعد ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس سندس ڀاءِ سلمان شاهه جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو

هي به پڙهندا

حيدرآباد ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل رٽائرڊ ايس پي جي پٽ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف