حيدرآباد ۾ ماسترياڻي پاران وين آڏو اچي آپگهات جي ڪوشش، ڪارڻ ڪهڙا آهن؟

0
275
ماسترياڻي پاران وين آڏو اچي آپگهات جي ڪوشش
حيدرآباد ۾ ماسترياڻي پاران وين آڏو اچي آپگهات جي ڪوشش، ڪارڻ ڪهڙا آهن؟

حيدرآباد: هوسڙي واري علائقي ۾ ٽنڊو محمد خان روڊ تي ماسترياڻي مبينا طور پاڻ کي وين آڏو ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي

ماسترياڻي اسما بانو ڌيءُ غلام علي پاڻ کي وين آڏو ڏنو، جنهن دوران هوءَ زخمي ٿي پئي آهي

اطلاع تي پوليس پهچي ماسترياڻي کي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري آپگهات جي ڪوشش ڇو ڪئي؟، ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي

ناري جو تعلق زيل پاڪ واري علائقي سان آهي هوءَ خانگي اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائي ٿي، اکين ڏٺن شاهدن موجب ماسترياڻي اسڪول کان گهر وڃڻ لاءِ روڊ تي بيٺل هئي، اوچتو هن سامهون ايندڙ وين آڏو پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي

هن کي به پڙهندا

حيدرآباد ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل رٽائرڊ ايس پي جي پٽ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

پارس شاهه جو ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ جي سفارش: سحر شاهه جا ٻيهر اعتراض

دڙي ويجهو خوفناڪ واقعي ٻن معصوم ڀائرن جي حياتي کسي ورتي

يارو لنڊ ويجهو عورت پراسرار نموني فوت، پوليس مڙس کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو