حيدرآباد ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل رٽائرڊ ايس پي جي پٽ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

0
635
حيدرآباد ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل رٽائرڊ ايس پي جي پٽ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف
حيدرآباد ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل رٽائرڊ ايس پي جي پٽ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

حيدرآباد: قاسم آباد جي نسيم نگر فيز 2 واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل رٽائرڊ ايس پي جي پٽ جَي واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج منظر عام تي اچي ويا آهن

رات دير سان هٿياربندن فائرنگ ڪري اڳوڻي ايس پي جي پٽ ارسلان عرف نويد جمالي کي قتل ڪيو هو، پوليس پوسٽ مارٽم بعد ارسلان جمالي جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي

شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته نوجوان ارسلان کي فائرنگ دوران هٿياربندن جون 12 گوليون لڳيون آهن

پوليس ذريعن موجب فائرنگ دوران ارسلان کي 4 گوليون ڇاتي، 2 پٺي کان، هڪ دماغ، 2 ٻانهن ۾، هڪ گولي هٿ تي ۽ 2 گوليون کيس ڄنگهن ۾ لڳيون آهن

پوسٽ مارٽم دوران جسم جي مختلف حصن مان 9 ايم ايم پسٽل جون 2 گوليون مليون، جيڪي پوليس حوالي ڪيون ويون

رٽائرڊ ايس پي احمد جمالي جو پٽ ارسلان جمالي پنهنجي دوستن سان گڏ ويٺل هو ته 6 هٿياربندن مٿن حملو ڪيو ،موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن دوران ارسلان جان بچائڻ لاءِ اتي بيٺل ڪار جي ڀر ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪئي

ايس ايڇ او نسيم نگر موجب مارجي ويل نوجوان رٽائرڊ ايس پي احمد خان جمالي جو پٽ آهي، مقتول جو والد ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي کيس اطلاع ڏنو ويو آهي

نسيم نگر پوليس موجب نوجوان ساهرن ۽ مامن سان گڏ ڄاڻايل علائقي ڀرسان رهندو هو، واقعي جي مختلف رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي

هي به پڙهندا

يارو لنڊ ويجهو عورت پراسرار نموني فوت، پوليس مڙس کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو