گهوٽڪي: رٺل زال پرچائڻ ويل نوجوان کي ڪٽڪو

0
418
گهوٽڪي: رٺل زال پرچائڻ ويل نوجوان کي ڪٽڪو
گهوٽڪي: رٺل زال پرچائڻ ويل نوجوان کي ڪٽڪو

گهوٽڪي ۾ رُٺل زال کي پرچائڻ ويل نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته اسپتال منتقل ٿيل زخمي جا وارث وري اسپتال ۾ وڙهي پيا

اسپتال جي ايمرجنسي  وارڊ ۾ مردن ۽ عورتن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو ويو

ڳوٺ پنڃو لٻاڻو ۾ رٺل زال پرچائڻ لاءِ  ساهرن وٽ پهتل نوجوان کي سالن تشدد ڪري زخمي ڪيو

نوجوان کي اسپتال منتقل  ڪيو ويو، اسپتال پهتل عورتن ۽ مردن  ۾ منهن ماري بعد ٻيهر جهيڙو ٿي پيو