ٽارزن جو هيرو گهرواريءَ سوڌو جهاز حادثي ۾ فوت

0
295

واشنگٽن (شوبز نيوز) هالي ووڊ فلم ”ٽارزن“ ۾ مک ڪردار نڀائيندڙ آمريڪي اداڪار وليم جوزف لارا جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ هڪ ننڍو مسافر جهاز ڍنڍ ڀرسان ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار سمورا 7 ڄڻا فوت ٿيڻ جو خدشو آهي.اختيارين طرفان حادثي ۾ هيل تائين وليم جوزف لارا يا ٻئي ڪنهن شخص جي فوت ٿيڻ جي باقاعدي طور تصديق ناهي ڪئي وئي پر خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته سمورا ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن هاڻ بحالي جي ڪوششن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، ڇو ته ڪنهن جي به بچڻ جي اميد ناهي.رپورٽ موجب جهاز ۾ 58 ورهين جو وليم جوزف لارا ۽ سندس گهرواري به موجود هئي.وليم جوزف لارا فني ڪيريئر جي شروعات هڪ ماڊل طور ڪئي هئي ۽ کيس 1989 ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”ٽازرن“ شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو ۽ پوءِ هن ان ئي سلسلي ۾ ٽيلي ويزن سيريز ۾ به ڪم ڪيو، جنهن کي پڻ ڏاڍي شهرت ملي.