پي ايس ايل جي ميچن جي شيڊيول ۾ وري دير، فائنل 24 جون تي ڪرائڻ جو فيصلو

0
331

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ميچن جي شيڊيول ۾ هڪ ڀيرو وري دير ٿي وئي آهي پر ميچن لاءِ سخت پروٽوڪول تيار ڪيا ويا آهن. شيڊيولجلد جاري ٿيڻ جو امڪان هو پر ڀارتي براڊ ڪاسٽرن جي معاملي جي ڪري ان ۾ دير ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته براڊڪاسٽنگ جو معاملو حل ٿيڻ کانسواءِ شيڊيول جاري نه ٿو ٿي سگهي. جڏهن ته ميچن لاءِ پروٽوڪولز جاري ڪيا ويا آهن جيڪي انتهائي سخت آهن. هوٽلز جي ڪمري ۾ مينٽيننس عملي کانسواءِ ڪو به داخل ٿي نه سگهندو، ماسڪ نه پائڻ وڏي پڃڪڙي شمار ٿيندي. بي بي آءِ ايم پاران طلب ڪرڻ تي علامتون لازمي فراهم ڪرڻيون پونديون، ڪورونا پازيٽو علامتن يا رزلٽ واري شخص سان ملڻ سنگين غلطي هوندي جنهن جي ڀڃڪڙي تي وارننگ، ڇڙٻ ۽ ميچ في ڪاٽڻ جي سزا ڏني ويندي. سنگين ڀڃڪڙي تي هڪ کان 5 ميچن جي پابندي به لڳائي ويندي. ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته چارٽرڊ فلائٽ وسيلي پهتل رانديگرن جو قرنطينا جو مدو اڄ پورو ٿي رهيو آهي جنهن بعد انهن کي پريڪٽس ڪرڻ جي اجازت ملي ويندي. ٽيمون خميس کان پريڪٽس شروع ڪري سگهن ٿيون. براڊڪاسٽرن جي معاملي بعد پي سي بي ۽ پي ايس ايل فرنچائزز جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ باقي رهيل 20 ميچن بابت بريفنگ ڏني وئي. ٽورنامينٽ ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن تحت هاڻ فائنل 24 جون تي ٿيندو ۽ هڪ ڏينهن ۾ ٻن ميچن جو انگ گهٽجي ويندو. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم هاڻ ٻن ڏينهن جي دير سان انگلينڊ جي دوري تي رواني ٿيندي، اڳ ۾ ٽيم کي 23 جون تي وڃڻو هو پر هاڻ اها 25 تي رواني ٿيندي