يوڪرين مان ڪافي پاڪستاني شاگردن کي ڪڍيو ويو آهي: پاڪستاني سفير

0
228
يوڪرين مان ڪافي پاڪستاني شاگردن
يوڪرين مان ڪافي پاڪستاني شاگردن کي ڪڍيو ويو آهي: پاڪستاني سفير

 

ڪراچي (م ڊ) يوڪرين ۾ پاڪستان جي سفير نويل کوکر چيو آهي ته يوڪرين ۾ مشڪلاتن باوجود پنهنجون ڪوششون جاري رکي رهيا آهن ۽ اڪثريت کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ نويل کوکر چيو ته يوڪرين ۾ 3000 پاڪستاني شاگرد موجود هئا، جن مان اڪثريت کي ملڪ مان ڪڍيو ويو آهي ۽ هاڻي 600 جي لڳ ڀڳ شاگرد يوڪرين ۾ رهجي ويا آهن، جن مان 50 کان 60 شاگردن کي ٽن گروپس ۾ اڄ پولينڊ روانو ڪيو ويندو

هن چيو ته ٽرنو پل ۾ اسان جا 35 شاگرد آهن جن کي جلد پولينڊ موڪليو پيو وڃي ۽ اسان مشڪلاتن جي باوجود ڪوششون جاري رکي رهيا آهيون

پاڪستاني سفير چيو ته يوڪرين ۾ هوائي رستا بند ڪيا ويا ۽ شهرن ۾ فائرنگ ٿي رهي آهي، بئنڪنگ سسٽم بند ڪيو ويو آهي، فيول سپلاءِ ۽ ٽرانسپورٽ جو نظام به بند آهي

نويل کوکر وڌيڪ چيو ته يوڪرين مان سفارتي عملي جي ميمبرن سميت 62 ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي، جن ۾ سفارتي عملي جا 21 ميمبر به شامل آهن

پاڪستاني سفير ٻڌايو ته 59 پاڪستاني پولينڊ بارڊر ڪراسنگ تي آهن، 79 پاڪستاني يوڪرين کان مختلف سرحدن ڏانهن وڃي رهيا آهن، 67 پاڪستاني شاگرد پولينڊبارڊر طرف وڃي رهيا آهن، جڏهن ته سفارتي عملي جا 12 ميمبر يوڪرين کان رومانيا وڃي رهيا آهن، جڏهن ته 104 شاگرد خارڪيف کان ٽرين  ذريعي ٽرنوپل پهچي رهيا آهن ۽ 20 شاگردن کي سفارتخاني طرفان ڪيف کان موڪليو ويو آهي

ھي بھ پڙھندا

پاڪستاني شهري هاڻي يوڪرين مان پولينڊ ۾ داخل ٿي سگهندا

مورو واسڻ شاگردياڻي يوڪرين ۾ ڦاٿل، مدد جي اپيل

روس ۽ يوڪرين تڪرار: پاڪستاني سفارتخانو ڪيف کان ٻئي شهر منتقل