ٽالهي (ن پ ا) ٽالھي تيل جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ عام واهپي وارين شين جي اگهن کي باهه لڳي وئي، قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيڻ ڪري پورهيت طبقو سخت ڏکائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، پوري ملڪ جيان ٽالهي ۾ به مهانگائي عروج تي آهي، شهر ۾ اٽو 3000کان 3200 رپيا مڻ، کنڊ 110 کان 120 رپيا  ڪلو، گيھه 400 کان 420 روپيا في ڪلو وڪامڻ لڳو آهي، جڏهن ته سبزين جا اگهه پڻ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پورهيتن، اسلم گشڪوري، موهن ڪولهي، زين العابدين گشڪوري، ابراهيم پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته تبديلي سرڪار غريبن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، هنن چيو ته مهانگائي سبب جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي.