ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾ 2300 رپيا لاٿ، ڊالر 179 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  2300 رپيا لاٿ سان 130600 مان 128300 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا گهٽتائي سان 1490مان  1470 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ  ۾ ڊالر هڪ رپيو 30 پئسا واڌ  سان  177.7 مان 179 رپيا  ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ  50 پئسا گهٽتائي سان  242 مان 241.5 رپين تي پهتو، هوڏانهن يورو50 پئسا واڌ سان 200.5 مان 201 رپيا  ٿي ويو .