اختر مينگل شهباز شريف جي گهر پهچي ويو، بي اعتمادي رٿ تي ڳالهيون

0
236
اختر مينگل شهباز شريف جي گهر پهچي ويو
اختر مينگل شهباز شريف جي گهر پهچي ويو، بي اعتمادي رٿ تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه سردار اختر جان مينگل مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي گهر پهتو، لاهور پهچڻ تي شهباز شريف سردار اختر مينگل جو شاندار استقبال ڪيو

ذريعن موجب شهباز شريف طرفان سردار اختر مينگل کي دعوت ڏني وئي هئي ۽ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ماڊل ٽائون ۾ ملاقات ٿي

ذريعن موجب ملاقات ۾ مهانگائي، بيروزگاري، معاشي تباهي ۽ سنگين عوامي مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويندو، ٻئي اڳواڻ بي اعتمادي واري رٿ تي عوام جي خواهش پوري ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪندا

ذريعن موجب ٻئي اڳواڻ ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ مخالف ڌر جي مستقبل جي حڪمت عملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا