روس ۽ يوڪرين تڪرار: پاڪستاني سفارتخانو ڪيف کان ٻئي شهر منتقل

0
156
روس ۽ يوڪرين تڪرار

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ)  يوڪرين تي روس جي حملي سبب پاڪستاني سفارتخاني کي راڄڌاني ڪيف کان ٽرنوپل شهر منتقل ڪيو ويو آهي، يوڪرين ۾ پاڪستان جي سفير نويل کوکر چيو آهي ته پاڪستاني سفارتخانواڄ کان ٽرنپول ۾ مڪمل طور تي فعال ٿي ويندو، يوڪرين سان نڪرندڙ سمورا شاگرد فوري طور تي ٽرنوپل پهچن

نويل کوکر وڌيڪ چيو ته يوڪرين ۾ خار ڪيف کان ٽرنوپل جي لاءِ ٽرين سروس موجود آهي، ٽرانسپورٽ نه ملڻ تي سفارتخاني جي تعليمي مشيرسان رابطو ڪيو وڃي

پاڪستاني سفير چيو ته تعليمي صلاحڪار پاڪستاني شاگردن کي ٽرنوپل تي وٺي پڄائيندو، شاگردن جي مدد لاءِ ڪيف ۽ ٽرنوپل ۾ ٻه فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن

نويل کوکر ٻڌايو ته ڪيف جي فوڪل پرسن جو رابطو نمبر 380681734727 آهي جڏهن ته ٽرنوپل جي فوڪل پرسن جو نمبر 380632288874 ۽ 380979335992 آهي، معلومات ۽ مدد لاءِ انهن ٻنهي نمبرن تي رابطو ڪري سگهجي ٿو

ياد رهي ته روس گذريل ڏينهن يوڪرين جي مختلف شهرن ۾ بمباري ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 130 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن

ھي به پڙھندا

روس _ يوڪرين جنگ: 137 ماڻهو مارجي ويا