سموريون ڌُريون هڪ ئي ’وِهاڻي‘ تي آهن

0
184
سموريون ڌُريون هڪ ئي ’وِهاڻي‘ تي آهن

  وِهاڻا انساني هنڌ-  بستري جو لازمي جز هُوندا آهن. وِهاڻا پُٺَن، ڪِرنگهي ۽ ڪُلهي جي سُورَ کان بچائين ٿا. ٻيو جسم ڀلي وڃي پَٽَ سان لڳي پر مٿي کي مٿانهين، وِهاڻي وسيلي ملندي آهي. وِهاڻا انساني انا جا مُحافظ آهن. اُهي ليٽيل ۽ سُتل حالت ۾ به ڪَنڌَ کي جُهڪڻ نٿا ڏين. انسان سدائين انا جو اَسير رهيو آهي. بدر جي ميدان ۾ ابوجهل جي قتل وقت ابوجهل چيو: ”مُنهنجي ڪَنڌَ کي هيٺان کان (ڪُلهن وٽان) ڪَٽيو، ته جيئن جڏهن سر نيزن تي چڙهن ته، مُنهنجو سر سڀني کان اُوچو هُجي!“

  وِهاڻا انسان جا رازدار آهن. دُنيا ۾ هيستائين جيترا لُڙڪ وِهاڻن جذب ڪيا آهن، اُهي گڏ ڪجن ته، ڪَئين قلزم ٺهي پون. جيترا رازَ وِهاڻن جي سِينن ۾ دفن آهن، جيتريون ڳجهيون ڳالهيون وهاڻن جي اندر ۾ آهن، اُهي اوڳاڇجن ته، ڪَئين مهاڀارين جا جواز جُڙي پون. وهاڻا رازدار هجڻ سان گڏوگڏ امن جا گونگا سَفيرَ پڻ آهن، جيڪي ٻن پيار ڪندڙ پاريهَرن وچ ۾ گُونگو ڪِردار ڪري سرچاءَ جو سبب بڻجندا آهن. روڄ راڙي جي رات رومان ۾ بدلجي ويندي آهي.

”وِهاڻا…….! چَوينس ته، مُون سان ڪڏهن به نه ڳالهائي!“

”وِهاڻا……! چَوينس ته، ٺِيڪ آهي، توسان ڳالهائڻ لاءِ مَران ڪانه ٿي! گُونگي ٿي گُذاري وينديس….مُون سان به ڪڏهن به نه ڳالهائي….!“

”وِهاڻا…..! چَوينس ته مُون کي نِنڊَ نٿي اچي!“

”وِهاڻا…..! چَوينس ته وڃي نِنڊَ جي گوري کاءِ!“

”وِهاڻا، چَوينس ته مُنهنجي نِنڊَ ۽ آرام جي دوا تُون آهين. تُون مُنهنجي لاءِ پيارَ جي پُڙي آهين! “

”وِهاڻا، چَوينس ته پُوءِ مُون سان ايترو جهيڙو ڇو ٿو ڪري؟“

“وِهاڻا، چَوينس ته، جهيڙو ته تو ڪيو آهي، غلطي به تُنهنجي هُئي!“

”وِهاڻا، چَوينس ته:

پَهلي گَل ڪه ساري غلطي ميري نَئين،

پر جي ميري وِي سي، ڪِي مين تيري نَئين!“

…..۽ پوءِ وِهاڻي وِچَ مان هٽي وڃڻ ۾ ئي عافيت سمجهي.

اِها ته هُئي وِهاڻي کي وِچَ ۾ آڻي سَرچاءَ جي سفارتڪاري، پر انگريزيءَ ۾ هڪ اصطلاح آهي، Pillow Talking، جيڪو سِنڌيءَ وارين وِهاڻي سان ڳالهين کان بِنهه مُختلف آهي. ان اصطلاح جو استعمال هڪ صدي اڳ ۾ ڪيو ويو ۽ ٻه پيار ڪندڙ هَنڌَ ۾ وِهاڻي تي جيڪي راز و نياز ۽ رومان جُون ڳالهيون ڪندا آهن، Pillow Talking جو اصطلاح ان لاءِ استعمال ٿيندو آهي. پنهنجو ته وري ذوق ئي انگريزن کان الڳ آهي. دنيا ۾ وهاڻا ٽيڪ لڳائڻ ۽ آسيس لاءِ استعمال ٿيندا آهن. ڪي محبوب به وِهاڻن وانگر هُوندا آهن، صرف ٽيڪ لڳائڻ لاءِ- ڄڻ طُول وهِاڻا هُجن. اُنهن وِهاڻن جي آڳيل ۽ پاڇيل/مُنڍ ۽ پوڇڙ هڪ جهڙا هُوندا آهن. اها هڪ جهڙائي نه هُجي ته آبادگار احتجاج شروع ڪري ڇڏين ٿا ته، پوڇڙ ۾ پاڻي نٿو اچي.

وهاڻن جو خيال آهي ته سندن ڪارج سندن نالي جي ابتڙ رهندو اچي. وهاڻا هجڻ جي ڪري انهن جو استعمال صرف ويهڻ لاءِ هجڻ گهرجي، سمهڻ جو ڪم اضافي ورتو پيو وڃي. جيئن اڪثر ڪري ٻولي ماهر لفظ ’ڀاڄائي‘ جي مفهوم تي اعتراض ڪن ٿا. سندن خيال آهي ته، اهو لفظ ڀاءَ جي زال بدران ’ڀاءَ- ڄائي‘ يعني ’ڀاءَ جي ڌيءَ‘ لاءِ استعمال ۾ اچڻ گهرجي. سنڌيءَ ۾ مڇردانيءَ سميت اهڙا لفظ گهڻا آهن. بهرحال اسان سنڌي بادشاه آهيون. ڪِن ماهرن جو خيال آهي ته، کونگهرن جي موسيقي ۽ خُوابن جو تعلق به وِهاڻن سان هُوندو آهي. وِهاڻي جي بيهڪ ۽ ڪَنڌَ جي حالت مان راڳ، ٺاٺ ۽ ٺُمريءَ جو تعين ڪري سگهجي ٿو. ڪن جا کونگهرا اهڙا هوندا آهن، جو ٽنڊي غلام عليءَ جي پِڙيءَ ۾ بيٺل هجڻ جو گمان ٿيندو آهي. باقي خواب ته هر ڪنهن جا پنهنجا آهن. جيترو وهاڻو گداز هوندو، خواب اوترا ئي نفيس هوندا.

قديم مِصري مَميمز لاءِ مقبرن ۾ به وِهاڻا هُوندا هُئا. اُهي وِهاڻا ڪاٺَ ۽ پٿر جا ٺهيل هُوندا هُئا. اُهو زمانو 2055 قبل مسيح کان 1985 قبل مسيح وارو هو. مُئل ماڻهن جي مٿي هيٺان به وِهاڻو رکڻ جو رِواج هُوندو هو، جنهن جو سبب اهو هو ته انساني مٿي/دِماغ کي مُقدس سمجهيو ويندو هو، اها تڪريم ان ڪري ئي هوندي هئي. پهريون ڀيرو رومين ۽ يونانين نرم وِهاڻا جوڙيا، جن ۾ گاههَ، کَنڀَ ۽ ڪَکَ پَن ڀريل هُوندا هُئا. قديم يورپ جا ماڻهو عبادت دوران گوڏا کوڙڻ يا وري مُقدس ڪتاب رکڻ لاءِ به وِهاڻن جو استعمال ڪندا هُئا. جيئن ته وِهاڻن جو استعمال قديم زمانن کان هلندو اچي. 7 هزار قبل مسيح ۾ ميسوپوٽيميا جا دولتمند ماڻهو وِهاڻا استعمال ڪندا هُئا، وهاڻن جو استعمال غريب غربي جي وس جي ڳالهه نه هئي. وِهاڻو رُتبي جو اهڃاڻ سمجهيو ويندو هو. جنهن وٽ جيترا وڌيڪ وِهاڻا هُوندا هُئا، اُهو اوترو ئي اعليٰ رتبي جو مڃيو ويندو هو. اها ته هئي ان وقت جي ڳالهه، پر هن وقت جيترا ’وِهاڻا‘ اسان جي مُلڪي سياست ۾ آهن، تڏهوڪو ميسوپوٽيميا اسان سان مُقابلو نٿو ڪري سگهي.

سياست ۾ وِهاڻن جي تمام گهڻي اهميت آهي. اڳي سموريون ڌُريون هڪ ئي حمام ۾ هُونديون هُيون، پوءِ هڪ ئي پيج تي هُونديون هُيون پر هاڻي ته، سموريون ڌُريون هڪ ئي وِهاڻي تي آهن، بس رُڳو وِهاڻا بدلجندا آهن. اصل ۾ وِهاڻا ساڳيا ئي هُوندا آهن پر اُنهن جو ڪَوَر بدلجندو آهي، انتساب بدلجندو آهي. وِهاڻو هِڪ ئي آهي، سموريون ڌُريون هڪ ئي وِهاڻي تي آهن. ڪِن وِهاڻن ۾ ڪَپهه ته، ڪن ۾ ٻُوهه ڀريل هُوندو آهي، ڪن وِهاڻن ۾ کَنڀَ ته ڪن ۾ وري فوم هُوندو آهي. ڪي وِهاڻا هوا سان ڀريل هُوندا آهن. ٻُوچَ مان هوا نِڪتي ته، ڪَنڌ وڃي پَٽَ سان لڳندو. سمورن وِهاڻن جو تَڪيو، هڪ ئي تَڪئي ته هُوندو آهي، اُهو آهي ”راولان دا پِنڊِ“

اسان جي سياست ۾ وِهاڻا ڏسڻ ۾ تمام گهڻا آهن پر طُول وِهاڻو  هڪڙو ئي آهي. هن وقت اهو اعزاز ”اڌ اپوزيشن“ وٽ آهي. ان طول جي جيتري طوالت آهي، اوتري ويڪر، ۽ اوتري ئي ٿولهه. هو اڳ ۾ اقتدار جي ٽرين جي آخري بوگيءَ جي پائيدان جو مسافر رهندو آيو آهي، پر هاڻي گهڻي وقت کان بيروزگار آهي. ”هم نام نه اُسڪا بتلائين، لوگ آپ هِي آپ سمجهه جائين“.

[email protected]