ڇا تبديلي واري سرڪار تبديل ٿي ويندي ؟

0
127
عمران خان تي پنجاب ۾ حملو ڪيئن ٿيو؟

  آصف علي زرداري لاهور ۾ ملاقاتن وارو اهم مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ جلد انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ جا اعلان اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اهي اعلان ان ڪري به حقيقت تي ٻڌل آهن جو جيڪڏهن ان معاملي ۾ ملاقاتون مڪمل ڪري معاملا طئي ڪري پو به وقفو ڏنو ويو ته راند مخالف ڌر جي هٿن مان نڪري ويندي، تنهن ڪري هاڻي هن معاملي ۾ مخالف ڌر دير نه ڪندي.

 ان کان اڳ به جڏهن بي اعتمادي جي رٿ جو ذڪر پيپلزپارٽي وارا پي ڊي ايم جي اجلاسن ۾ ڪندا هئا تڏهن مولانا فضل الرحمان کين چوندو هو ته  بي اعتمادي جي رٿ لاءِ ميمبرن جو يقيني انگ کڻي اچو ته ان تي ڳالهائينداسين، نواز شريف به پيپلزپارٽي جي تجويز کي تلسيم ڪرڻ جهڙو نه سمجهندو هو، ان ڪري مولانا هجي يا نواز شريف، اهي پيپلزپارٽي کان استعيفيٰ واري صلاح تي عمل ڪرڻ وارا مطالبا ڪندي نظر ايندا هئا. هينئر مولانا هجي يا نواز شريف اهي بي اعتمادي واري رٿ تي ايئن راضي ٿي ويا آهن جو انهي جي اڳواڻي به آصف علي زرداري جي حوالي ڪري ڇڏي اٿن. سندن خيال آهي ته جڏهن پيپلزپارٽي تجويز ڏني هئي تڏهن وقت مناسب نه هو پر هينئر وقت مناسب آهي. مريم نواز ته اهو به چئي رهي آهي ته مسلم ليگ ن جا ميمبر چاهين ٿا ته بي اعتمادي جي رٿ اچڻ گهرجي پر نواز شريف راضي نه هو، هينئر نواز شريف راضي ٿيو آهي.

مولانا هجي يا نواز شريف، اهي وقت جي مناسب هجڻ جي تشريح ۾ نه پيا وڃن، سندن خيال آهي ته هن وقت جون حالتون تبديلي لاءِ تيار آهن. نواز شريف ملڪ کان ٻاهر آهي، جڏهن ته آصف زرداري ملڪ اندر آهي، جڏهن زرداري کي بي اعتمادي رٿ مناسب لڳي رهي هئي تنهن وقت ۾ ڪهڙي خرابي هئي، جنهن جو اندازو ملڪ اندر ويٺل قيادت کي سمجهه ۾ نه پئي آيوپر ملڪ کان ٻاهر ويٺل قيادت ان جو اندازو رکي پئي. اهو به پيپلزپارٽي وارا ئي اعتزاز احسن جي صورت ۾ بحث کي پارٽي اجلاسن ۾ کڻي آيا هئا ته جيڪڏهن استعيفائون ڏئي به ڇڏجن ته به سينيٽ جون چونڊون ٿي وينديون، جنهن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف کي سڄي ملڪ ۾ کليل ميدان ملي ويندو پر هاڻي اهو مرحلو گذري ويو آهي.

حيرت ان ڳالهه تي آهي ته پيپلزپارٽي وارا به هاڻي پي ڊي ايم جا سمور امطالبا تسليم ڪندي نظر اچي رهيا آهن. مثال طور پي ڊي ايم وارن جو اهو مطالبو هو ته قومي اسيمبلي هجي يا صوبائي اسيمبلي، انهن سمورين اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ گهرجن، پيپلزپارٽي پنهنجي سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ کان انڪاري هئي، ساڳئي وقت استعيفائن واري معاملي تي به سهمت نه هئي، پر هينئر پيپلزپارٽي جو قمر الزمان ڪائره هجي يا ن ليگ جو شاهد خاقان عباسي، اهي بي اعتمادي جي ڪامياب نتيجن کانپوءِ نئين چونڊن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن نئين چونڊ ٿيندي ته پوءِ عثمان بوزدار سان گڏ مراد علي شاهه به گهر هليو وڃي، جيتوڻيڪ ملڪ اندر آئيني بحث جو هفتو شروع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اهو به چيو پيو وڇي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ختم ٿي وڃي ته ان سان صوبن تي اثر نه پوندو، جيڪڏهن ڪو به وزيراعظم جو اميدوار اعتماد جو ووٽ حاصل نه ڪري سگهي تڏهن به وفاقي سطح تي ٿيندڙ چونڊن جو صوبن تي اثر نه پوندو صوبائي حڪومتون پنهنجو مدو پورو ڪري سگهن ٿيون .

هاڻي تصور ڪيو ته جيڪڏهن عمران خان پنهنجي وفاقي حڪومت سان گڏ پنجاب ۽ ڪي پي حڪومت وڃائي ويهي ٿو ته ڇا ملڪ اندر پي ڊي ايم وارن جي حڪومت اچڻ سان سياسي ڏڦيڙ ختم ٿي ويندو؟ تصور ڪريو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ڪنهن نئين مينڊيٽ طرف وڃن ٿيون ته باقي صوبن ۾ حڪومتون قائم ۽ دائم رهنديون، جيتوڻيڪ ملڪ اندر بلدياتي چونڊون وقفي وقفي سان ٿي رهيون آهن، پر بقول شاهد خاقان عباسي جي ته اسٽيبلشمينٽ مقامي سطح تي مداخلت ناهي ڪندي. اهو سوال به بحث هيٺ آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي پڪ ٿي وئي ته سندس حڪومت قائم رهي نه سگهندي ته عمران خان پاڻ ئي اسيمبليون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو جنهن سان به مخالف ڌر وارا خاص طور تي پي ڊي ايم وارا خوش ٿيندا، ڇو ته سندن مطالبو ئي نئين چونڊ آهي، جڏهن ته بي اعتمادي جي رٿ اچڻ کانپوءِ ان تي عمل لازمي ٿي ويندو، جيڪڏهن صورتحال اهڙي آهي ته پي ڊي ايم وارن کي اهو خوف ڇو آهي يا هوندو ته بي اعتمادي جي رٿ ڳجهي طريقي سان جمع ڪرائجي ته عمران خان اسيمبليون ختم نه ڪري سگهي.

ساڳئي وقت تحريڪ انصاف اندر جي تبديلي وارو نقطو به بحث هيٺ آهي ته جيڪڏهن عمران خان وزيراعظم نه ٿو رهي ته پارٽي اندر ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم جو اميدوار ڪجي، جنهن جو ذڪر عمران خان پاڻ به قومي اسيمبلي فلور تي ڪيو هو ته جيڪڏهن آئون نه رهيس منهنجي جڳهه تي ڪو ٻيو به آيو ته اهو توهان مخالف ڌر وارن کي نه ڇڏيندو پر چيو پيو وڃي ته تحريڪ انصاف اندر عمران خان کان علاوه ٻيو ڪو به ايترو طاقتور اميدوار نه اهي، جڏهن عمران خان ئي ڪامياب نه ٿيندو ته ٻيو ڪٿان ٿيندو؟

 عمران خان ۽ عثمان بوزدار کي هٽائڻ الڳ ڳالهه آهي جڏهن ته شهباز شريف۽ چوڌري پرويز الاهي کي آڻڻ وري الڳ بحث آهي. مثال طور قومي اسيمبلي يوسف رضا گيلاني سينيٽر طور چونڊيو پر ساڳئي وقت عمران خان کي اعتماد جو ووٽ ڏئي ان کي نه هٽائڻ جو فيصلو به ڪيو، ساڳي طرح سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي واري معاملي ۾ به بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب نه ٿي سگهي، تنهن ڪري هاڻي ايئن سوچيو ته جيڪڏهن ميمبر وزيراعظم عمران خان ۽ عثمان بوزدار کي هٽائيندا ته اهي ميمبر شهباز شريف يا ڪنهن ٻئي اميدوار کي ووٽ ڇو ڪندا؟ جنهن ڪري ئي چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن عمران خان کي هٽائڻ کانپوءِ ڪنهن ٻئي اميدوار ڪاميابي حاصل نه ڪئي ته ملڪ نئين چونڊ طرف هليو ويندو، ان ڪري جيڪي ڌريون هڪ ٻئي کي عمران خان خلاف بي اعتمادي لاٰءِ انگ پورو هئڻ جو يقين ڏياري آيون آهن اهي هڪ ٻئي جي اڳلي مرحلي ۾ حڪومت ٺاهڻ وارو يقين ڏيارڻ ۾ في الحال غير يقيني جو شڪار آهن.

پيپلزپارٽي جي قيادت آصف علي زرداري جي صورت ۾ جنهن بي اعتمادي جي رٿ ۾ ڪپتاني جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اها پيپلزپارٽي وزيراعظم شهباز شريف کي ڏسڻ گهري ٿي، ساڳئي وقت پارٽي پنجاب جي وڏ وزارت به حمزه شهباز يا چوڌري پرويز الاهي کي ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي جي هن حاتم طائي واري مظاهري تي سڀ حيران آهن اها پارٽي جنهن پنجاب ۾ شهباز شريف جي هوندي پنهنجو سرگرم گورنر لڳايو هجي، هينئر پيپلزپارٽي پنجاب اندر ايڏي سخاوت ڇو ڪري رهي آهي؟.

جنهن ڪري ئي بي اعتمادي ۽ لانگ مارچ وارن سوالن جو جواب ته سياسي پارٽيون ڏئي رهيون آهن پر بي اعتمادي جي رٿ کان پوءِ واري حڪومت واري سوال کي وقت کان اڳ وارو سوال قرار ڏئي رهيون آهن جنهن سياسي ميدان ۾ آصف زرداري مولانا فضل الرحمان چوڌري ڀائر ۽ شهباز شريف وارا لٿل هجن ڇا اهي سياست کي واقعي به عشق سمجهي نتيجن جي پرواهه کان سواءِ ميدان تي لهي پيا هوندا، اهي سڀ پارٽيون هينئر هڪ ٻئي کي لانگ مارچ جي حوالي سان سولو فلائيٽ جو طعنو ڏئي رهيون آهن،. ان سوال جو جواب ته وقت اچڻ تي ملندو پر شيخ رشيد به عمران خان کي جهانگير ترين سان ملڻ جون صلاحون ڏئي رهيو آهي، عمران خان کي به خبر آهي ته جهانگير ترين سان ڪهڙا ڪهڙا ميمبر گڏ آهن، ان ڪري معاملو گهڻو عمران خان لاءِ به منجهيل ناهي.

عمران خان مخالف ڌر کي سبق سيکارڻ لاءِ هميشه ذڪر به ڪندو آهي، شيخ رشيد کي به گهرو وزارت ڏيڻ جو اهو مقصد سمجهيو پئي ويو ته پر ان وقت پي ڊي ايم قائم رهي نه سگهي هئي، پر هينئر پيپلزپارٽي وارا ۽ پي ڊي ايم وارا پنهنجا پنهنجا لانگ مارچ به آڻين پيا ساڳئي وقت بي اعتمادي جي رٿ به آڻي رهيا آهن، هاڻي ڏسجي ته عمران خان شيخ رشيد جي صلاح مڃيندي جهانگير ترين سان ملي ٿو، ساڳئي وقت مخالف ڌر سان واعدو نڀائيندي احتجاج لاءِ ويلڪم طور پنهنجو ڪنٽينر به ڏئي ٿو يا بقول شيخ رشيد جي ته جوڊو ڪراٽي واري فلم هلائي مخالف ڌر وارن کي جيل اماڻي ٿو.