عبدالستار ٿهيم ۽ احمد فرهاد

0
37
عبدالستار ٿهيم ۽ احمد فرهاد

 عبدالستار ٿهيم گذريل سال (2023ع) جي آڪٽوبر مهيني جي 11 تاريخ کان گم آهي. شروعات ۾ هن سيلاني مزاج ڪامريڊ جي خاندان ۽ دوستن جو خيال هو ته هو عادت موجب ٻن چئن ڏينهن لاءِ ڪنهن دوست جو مهمان بڻجي ڪٿي ترسيل آهي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کلندو ۽ مرڪندو پاڻي اچي ويندو. هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندو ۽ چوندو ته، “ڪامريڊ سڀ ڪم ڪار ڇڏيو، سرائيڪي صوبي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪريو”.

                 هو هميشه ائين ئي هو. دوستن جي محفلن، مڪالماتي نشستن، سرائيڪي تحريڪ کي هٿي ڏيڻ لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ۾ هر وقت مصروف. 11 آڪٽوبر 2023ع کان هو لاپتا آهي. هيءَ تحرير لکڻ وقت اڄ يعني 7 مهينا ۽ 16 ڏينهن ٿي ويا آهن کيس لاپتا ٿيندي. ڪابه خير خبر ناهي. هن جي خاندان ۽ ڪجهه ذاتي دوستن پنهنجي طرفان هر دروازي تي دستڪ ڏني. فرياد جي ممڪن هنڌن تي ڳولا ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ڪجهه به نه ٿي سگهيو. گذريل ڏينهن آمريڪا ۾ رهندڙ پياري ڀاءَ ۽ سرائيڪي قومپرست اڳواڻ عبيد خواجه، عبدالستار ٿهيم جي صاحبزادي شيرباز ٿهيم طرفان پنهنجي والد جي گمشدگيءَ جي باري ۾ ڏنل اشتهار سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته عبدالستار ٿهيم جي گمشدگي تي آواز اٿاريو وڃي.

مون ان کان اڳ “سوجهل ڌرتي واس” جي ملتان ۾ ٿيل چوٿين سوجهل ادبي ثقافتي ڪانفرنس دوران عبدالستار ٿهيم جي گمشدگيءَ جي باري ۾ برادرم انجنيئر شاهنواز خان مشوري ۽ ايس ڊي پي جي سربراهه راڻا فراز احمد نون سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. ٻنهي دوستن نه صرف هڪ قومپرست اڳواڻ جي پراسرار گمشدگيءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو پر اها خاطري پڻ ڪرائي ته ان معاملي کي تنظيمي سطح تي اٿاريندا. انهن دوستن جي تنظيمن ان حوالي سان آواز پڻ اٿاريو پر اڃان تائين به اهي سمورا آواز انهن جي سماعتن تي دستڪ نه ڏيئي سگهيا، جيڪي عبدالستار ٿهيم جي ڳولا ۾ ڀرپور مدد ڪري سگهن ٿا.

عبدالستار ٿهيم سان منهنجي 1980ع جي ڏهاڪي وارن انهن سالن کان ڄاڻ سڃاڻ آهي، جڏهن اسان جي مرحوم دوست بئريسٽر تاج محمد لنگاهه جي پاڪستان سرائيڪي پارٽي جو بنياد رکيو هو. ملتان هاءِ ڪورٽ جي پٺ واري شاهراهه تي سرائيڪي پارٽي جي مرڪزي آفيس قائم ٿي. ان آفيس جي شروعاتي سالن ۾ جيڪي دوست مستقل طور اتي موجود هوندا هئا، انهن ۾ ٻين کانسواءِ اسد لنگاهه مرحوم ۽ عبدالستار ٿهيم نمايان هئا. ٻنهي کي ئي بئريسٽر تاج محمد لنگاهه جو پاڇو سمجهيو ۽ چيو ويندو هو.

عبدالستار ٿهيم هڪ ترقي پسند قومپرست رهنما طور اڀريو. سرائيڪي پارٽي جي پليٽ فارم ۽ بئريسٽر تاج محمد لنگاهه جي سرپستي ٻنهي هن کي تمام گهڻو تراشيو هو. مختلف وقتن تي ٻاڙن ٻولن جو مظاهرو ڪندي دوستن کي به گهاوَ لڳائي ڇڏيندو هو پر هڪ اڌ ڏينهن کانپوءِ ناراض دوست جي سر تان ان وقت تائين نه ٽرندو هو، جيستائين اهو صلح جو اعلان ڪري کيس ڇاتيءَ سان نه لائيندو هو. ان خراب ۽ سٺي عادت تي مون کيس ڪيترائي ڀيرا ڇينڀيو. هن هميشه چيو ته، “يار مرشد، پته نهين ميڪون ڪيا ٿي ويندَي”. خير، اهو اسان سڀني کي هميشه پتو هو ته کيس ڪڏهن الائي ڇا ٿي ويندو آهي. هلندڙ صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي جا ڪجهه سال آئون قادرپوران ۽ پوءِ ملتان شهر ۾ رهندو هئس. انهن سالن ۾ اسان جو محبوب ترين دوست سيد حسن رضا بخاري المعروف رضو شاهه مرحوم جي حڪم تي ملتان پريس ڪلب جي اڱڻ ۾ يا وري سنگتي منصور ڪريم سيال جي صاحبزادي جي ريسٽورينٽ ۾، جيڪو پريس ڪلب جي سامهون هڪ شاپنگ مال ۾ هو، روزاني جي بنياد تي خوب محفلون ڄمنديون هيون. ٻنپهرن جو 2 وڳي کان وٺي شام 6 وڳي تائين جي وچ ۾ ڄمندڙ انهن محفلن ۾ اڪثر عبدالستار ٿهيم به شريڪ هوندو هو. پنهنجي پسنديده موضوعن تي ان جو مطالعو تمام گهڻو بهتر هو. رضو شاهه مرحوم کي ٿهيم پنهنجي استاد جو درجو ڏيندو هو. اسان جو هڪ ٻيو گڏيل دوست ۽ سرائيڪي عهد ساز ۽ ناميارو شاعر اسلم جاويد ۽ عبدالستار ٿهيم هڪ ئي وقت ۾ جنهن محفل ۽ مجلس ۾ گڏ هوندا هئا ته چڱي ڌما چوڪڙي مچندي هئي.

ڪجهه سال اڳ اطلاع مليو ته عبدالستار ٿهيم سرائيڪي پارٽي کي ڇڏي راڻا فراز احمد نون جي سرائيڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي (ايس ڊي پي) ۾ شامل ٿي ويو آهي. فراز نون سان گڏ منهنجون هن سان ڪيتريون ئي ملاقاتون رهيون. ڪيترن ئي سالن تائين ايس ڊي پي جي آفيس جي مستقل فرد طور موجود رهيو. هڪ ڏينهن ڪنهن ٻڌايو ته عبدالستار ٿهيم پنهنجي پارٽي جوڙي رهيو آهي. مون ٽيليفون تي انهن اڏامندڙ خبرن جي باري ۾ پڇا ڪئي ته چوڻ لڳو، “مرشد، سياسي پارٽي ٺاهڻ ۽ هلائڻ لاءِ سرمايو گهرجي. اهي اسان سفيد پوش خاندانن جا ناز نخرا، چاڳ ۽ شوق نه آهن”.

لڳ ڀڳ چئن ڏهاڪن کان سرائيڪي قومپرست تحريڪ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندڙ عبدالستار ٿهيم هاڻي ستن مهينن، سورنهن ڏينهن کان لاپتا آهي. سرائيڪي تحريڪ جي ڌار ڌار سوچ رکندڙ دوستن ۽ تنظيمن کي ان جي بازيابيءَ لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. انهن جي ڏکاري خاندان جي دلجوئي ڪرڻ گهرجي. اهو ئي وسيب زادن جو فرض آهي. حڪومت کي به ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ته جيئن ان ڪٽنب جي داد رسي ٿي سگهي.

عبدالستار ٿهيم وانگر هڪ ٻيو شخص تازوئي لاپتا ٿي ويو آهي. اهو لاپتا شخص احمد فرهاد آهي. باغ آزاد ڪشمير سان تعلق رکندڙ احمد فرهاد ڪيترن ئي سالن کان اسلام آباد ۾ رهندڙ آهي. سندس عام تعارف ته هڪ شاعر جو آهي. “ڪافر هون، سر ڦرا هون، مجهي مار ديجئي” واري مشهور زمانه نظم احمد فرهاد کي ڪجهه سال اڳ ملڪ گير شهرت عطا ڪئي. شروعات ۾ هو ففٿ جنريشن وار جو مجاهد رهيو. اهڙو مجاهد، جنهن هر ان شخص کي سوڙهين هٿين ورتو، جيڪو اسٽيبلشمينٽ مخالف هو. ڪيترائي سال هو اسان جي دوستن ۾ پڻ شامل رهيو پر ملٽري اسٽيبلشمينٽ خلاف اسان جي تحريرن ۽ گفتگو سبب ناراض ٿي ويو. عملي زندگيءَ جي شروعات ۾ فوج کي نجات ڏيندڙ قرار ڏيندي ملڪ جي لبرلز، ترقي پسندن ۽ قوم پسندن کي سوڙهين هٿ وٺندڙ احمد فرهاد سال 2022ع ۾ عمران خان جي محبت جو اسير ٿيو. پهرين هو جيترو سخت موقف فوج مخالف طبقن جي باري ۾ رکندو هو، هاڻي عمران خان جي محبت ۽ فوج جي مخالفت ۾ ان کان وڌيڪ سخت موقف جو اظهار ڪرڻ لڳو. ان جي گمشدگي جي معاملي کي آزاد ڪشمير ۾ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي هاڻوڪي ٽن ڏينهن واري تحريڪ دوران سوشل ميڊيا تي ان جي فعاليت کان الڳ ڪري نٿو ڏسي سگهجي. هڪ سال اڳ جڏهن عوامي ايڪشن ڪميٽي آزاد ڪشمير قائم ٿي، هو ان جي حمايت ۾ پيش پيش هو. احمد فرهاد عوامي ايڪشن ڪميٽي جي هاڻوڪي ڪجهه ڏينهن واري تحريڪ دوران پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي اها خبر ڏني ته، “آزاد ۽ اسپتال جي ذريعن مطابق تحريڪ دوران مارجي ويلن جو تعداد 13 آهي، 15 شديد زخمي، ۽ 80 عام زخمين ۾ شامل آهن. ٽن ماڻهن جا لاش سندن خاندانن حوالي ڪيا ويا آهن”.

اهو ٽوئٽ غلط بيانيءَ تي ٻڌل هو پر ان عرصي ۾ هن سوشل ميڊيا تي تحريڪ جي حق ۾ ۽ حڪومت توڙي اسٽيبلشمينٽ خلاف ڄمي پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ هڪ رات ڪجهه سادن ڪپڙن ۾ آيل ماڻهو کيس کنڀي کڻي ويا. شاعر ۽ صحافي احمد فرهاد جي جذباتيت پنهنجي جاءِ تي پر جيڪڏهن کانئس ڪو ڏوهه ٿيو آهي ته قانون تي عملدرآمد جي واٽ وٺڻ گهرجي. کيس باضابطا گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جتي هو پنهنجن وڪيلن ذريعي پنهنجي ڪيس وڙهڻ جو حق استعمال ڪري سگهي. باقي رات جي اونداهي ۾ کنڀي کڻي وڃڻ ڪنهن به طور درست نه آهي، نه ئي وري اهي افواهون ڦهلائجن ته اهو نجي معاملو آهي. نجي معاملي جا افواهه ڦهلائيندڙ ان نجي معاملي کي به سامهون آڻين، احمد فرهاد کي بازياب ڪرائين ۽ اغواڪارن کي گرفتار ڪن ته جيئن اصل حقيقت واضح ٿئي.

عبدالستار ٿهيم هجي، احمد فرهاد يا ڪو ٻيو مرد توڙي زائفان، ڪنهن جي به پراسرار گمشدگي درست قرار نٿي ڏيئي سگهجي. توڙي جو اهي پهريان ٻه گم ٿيل ماڻهو ناهن، هزارين ماڻهو کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي لسٽ ۾ موجود آهن. اها فهرست رياست جي نيڪ ناميءَ ۾ هرگز اضافو ناهي پر ان سان پيدا ٿيندڙ عدم تحفظ جو احساس رياست ۽ شهرين جي وچ ۾ عدم اعتماد جي وڇوٽيءَ کي ويتر وسيع ڪندو پيو وڃي.