روس _ يوڪرين جنگ: 137 ماڻهو مارجي ويا

0
312
روس _ يوڪرين

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) روس پاران يوڪرين تي ٻئي ڏينهن به بمباري جاري آهي، پهرين ڏينهن تي ويڙهه دوران 137 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا

پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪرين جي راڄڌاني ۾ جمعي جي صبح ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، جڏهن ته يوڪرين جي حڪومت جي صلاحڪار پڻ ٻئي ڏينهن روسي حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائل حملا راڄڌاني ڪيف ۾ جاري آهن

يوڪرين جي فوج جو چوڻ آهي ته روس راڄڌاني ڪيف جي هڪ رهائشي علائقي ۾ ميزائل فائر ڪيا، جڏهن ته يوڪرين جي فضائي دفاعي نظام ٻن ميزائل روسي فوجين جي حملن کي تباهه ڪري ڇڏيو

ڪيف جي ميئر موجب روسي ميزائل جو ٽڪرو هڪ رهائشي عمارت تي ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ميزائل جو تباهي گهر تي ڪري پيو ۽ باهه لڳي وئي، ان دوران يوڪرين جي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته روسي جهاز ڪيف ۾ ڪيرايو ويو، سندس چوڻ آهي ته روسي جهاز کي راڄڌاني ڪيف جي ڊارنسڪي ضلعي ۾ ڪيرائي تباهه ڪيو ويو

ٻئي طرف آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين دعويٰ ڪئي آهي ته روسي فوج يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف کان 20 ميلن جي مفاصلي تي پهچي وئي آهي

ٻئي پاسي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته روس سان ويڙهه جي پهرين ڏينهن ۾ 137 ماڻهو مارجي ويا آهن

ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته  يورپ جي 27 اڳواڻن کان پڇيو ته يوڪرين نيٽو ۾ شامل ٿيندو؟ هر ڪو ڊڄي ٿو ۽ جواب نٿو ڏئي پر اسين ڊڄڻ وارا نه آهيون

هن چيو ته يوڪرين کي روس سان وڙهڻ لاءِ اڪيلو ڇڏيو ويو آهي، پر اسان سخت جنگ ڪنداسين، يوڪرين جي بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته روسي فورسز جي قبضي کان ڪيف ايئرپورٽ جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي