ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 25 مريض اجل جو شڪار

0
129
چين ۾ پکڙيل ڪورونا وائرس

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 25مريض اجل جو شڪار ٿي ويا، جنهن بعد ڪورونا وگهي فوتين جو مجموعي تعداد 30 هزار 139 ٿي ويو آهي

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وائرس جا 11سئو 22 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ وباجي هاڪاري ڪيسن جي شرح 2 ڏهائي 72 سيڪڙو رهي

اين سي او سي موجب ڪورونا جي هڪ هزار 186 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته هيل تائين 14 لک 14 هزار 979 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن