آمريڪا جو روس تي نيون پابندين لڳائڻ جو اعلان

0
188
آمريڪا جو روس

ڪراچي (م ڊ) آمريڪا روس تي نين پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو، صدر جو بائيڊن چيو آهي ته روسي بينڪ جا 250 ملين ڊالرز جا اثاثا منجمد ڪيا ويندا، ماسڪو جِي عالمي مارڪيٽ تائين پهچ کي به نشانو بڻايو ويندو

امريڪي صدر چيو ته روسي گيس ڪمپني کي اگهه وڌائڻ نه ڏنا ويندا، روس منصوبابندي تحت يوڪرين تي حملو ڪيو آهي

هن چيو ته روس سائبر حملن جِي مهم شروع ڪئي ته کيس ساڳئي انداز ۾ جواب ڏينداسين ۽ نيٽو اتحادي طور گڏيل سڪيورٽي جِي ذميواري پوري ڪنداسين

جوبائيڊن چيو ته روسي صدر پيوٽن سفارتڪاري ذريعي بهترين اعتماد وارين ڪوششن کي رد ڪيو، پيوٽن تي به سڌي ريت پابندين وارَي منصوبي تي غور ڪري رهيا آهيون

ھي به پڙھندا

روس _ يوڪرين جنگ: 137 ماڻهو مارجي ويا