عمرڪوٽ ۽ مٽياري ۾ ٻن ڄڻن مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

0
192
عمرڪوٽ ۽ مٽياري

عمرڪوٽ /مٽياري (نمائندن وٽان) عمرڪوٽ جي ڪنڀار محلي جي رھواسي جمال ولد ابراھيم مبينا ذھني پريشانين سبب وڻ ۾ پاڻ کي لٽڪائي آپگھات ڪري ڇڏيو آهي

ڀاءُ گلشير ڪنڀار جو چوڻ آهي ته جمال ڪنڀار ڪراچي ۾ ھڪ پئٽرول پمپ تي چوڪيداري ڪندو ھو ، عمرڪوٽ اچڻ بعد گھر ۾ ڪالهه کان وائڙيون ڳالھيون ڪندو رھيو هو ۽ ذھني طور پريشان ھو ۽ هن کي ٻن ٻارڙين جو اولاد آهي

ٻئي پاسي مٽياري ڀرسان ڳوٺ لياقت فارم جي رهواسي پورهيت ڪالو ڪولهي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي

پوليس چيو آهي ته ڪانو ڪولهي جو پکي ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي، ڪانو ڪولهي سندس زال سان ڪاوڙجي منهن ماري ڪرڻ بعد پاڻ کي ڦاهو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي