وڪيل ڪيس وڙهڻ لاءِ تيار

0
227

سنڌين دنيا ۾ نئين تاريخ لکڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آھي، پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي جدوجهد ڪئي ۽ ان جدوجهد دوران گرفتار ڪارڪنن لاءِ صرف ڪراچي جا 200 وڪيل ڪيس وڙھڻ لاءِ تيار. جاڳيا آھيون جاڳيا آھيون تون چور اسين ڀاڳيا آھيون، بحريا ٽائون واقعي بابت سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل ڀائرن جي ھنگامي ميٽنگ ٿي جنھن ۾ سينئر وڪيلن تي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، 200 کان وڌيڪ وڪيل ڪيس جي پوئيواري ڪندا جنھن ۾ محمد خان شيخ، اشفاق شاھ بخاري،سيد خليل احمد، مختيار سوڍر نثار احمد شر، سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر غلام رسول سوھو، سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر محمد اشرف سمون، اياز چانڊيو، اصغر ناريجو، امر حسيب ۽ ٻيا وڪيل شامل هوندا.
(رشيد سڌايو جي پوسٽ)