سنڌ جي تعليم تي مڙهيل ڪورونا قانون جا اثر!
هونئن ته اسان جو پيارو ملڪ مختلف مسئلن ۾ گهيريل آهي روز ڪيترائي مسئلا ڪرُ کڻن ٿا پر ڪجهه وقت کان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تي راڄ ڪندڙ ڪورونا وبا لڳ ڀڳ سمورو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور تي سنڌ ۾ وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي هلندڙ جنگ جي ڪاوڙ سنڌ جي معصوم معمارن مان ڪڍي پئي وڃي ۽ سنڌ جون سمورن اسڪولون کي ڪورونا سبب بند ڪيون ويو آهي، تنهن ڪري ڪيترا ئي اسڪول ويراني جو ڏيک ڏئي رهيا آهن ۽ ڪيترا ئي ذهن اسڪول بند هئڻ ڪري جهالت جي ڪٽُ جي ور چڙهي رهيا آهن ۽ حڪومت پاران ڪمپيوٽر ۽ موبائلن وسيلي آن لائين تعليم ڏيڻ جو گس ڏسيو ويو آهي پر سمورا شاگرد ته امير ڪونهن، ڪيترن ئي شاگردن وٽ اهي سهولتون ميسر ناهن ۽ ڪجهه اهڙا وجود پڻ آهن جيڪي موبائيل سيٽ جو ناجائز استعمال ڪن ٿا، جنهن سان سندن تعليم وڌيڪ خراب ٿئي ٿي. جنهن سان سنڌ ۽ سنڌ واسي معاشي طور تباهيءَ ڏانهن وڌي رهيا آهن. امتحان وقت صرف اڳين ڪلاس ۾ پروموشن وسيلي مارڪون ڏيڻ يا گريڊ ڏيڻ سان اهو ٻار سڀاڻي هونهار نٿو ٿي سگهي. جنهن ڪري اڳتي هلي ان کي ۽ ملڪ کي نقصان ٿيندو. ان لاءِ اعليٰ عملدارن کي نماڻي گذارش ۽ پرزور اپيل آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي سنڌ جا سمورا اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ ٻيا تعليمي ادارا کولرايا وڃن، بهتر استادن جي ڀرتي ميرٽ تي ڪري ملڪ جي معمار کي تباهي کان بچايو وڃي.
عبدالغني “عبد” آريسر/ ڍورونارو
ڪوٽڏيجي جي غريب عوام سان ظلم بند ٿيڻ گھرجي!
اڄ اسين ذڪر ڪيون ٿا پاڪستان جي مشھور ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي جي عوام جي حقن جو جتي ڪامورن جا ڌاڙا جاري آھن، غريب عوام جي فلاح و بھبود ۽ سھولتن ۽ غريب عوام جي ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ فنڊز ۽ بجيٽ ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽي ايم اوز ۽ انجنيئر ۽ سيڪريٽريز ۽ ٻيا کائي وڃن ٿا، جيڪا غريب عوام سان سراسر ناانصافي آھي، سرڪاري ڪاغذن موجب ترقياتي ڪم ٿيا آھن ۽ ٿين پيا پر حقيقت اها آھي ته غريب عوام جي سھولتن جي لاءِ اڄ ڏينھن تائين ڪجھ به ناھي ٿيو، رڳو سرڪاري ڪاغذن جي خاناپوري ڪري ۽ فرضي ترقياتي ڪمن جي وائوچرن تي صحيحون ڪري ايڊمنسٽيٽر ۽ ٽي ايم اوز ۽ انجنيئير ۽ سيڪريٽريز ۽ ٻيا پنھنجو پيٽ ڀري رھيا آھن. عوامي سروي موجب تعلقي ڪوٽڏيجي جي ٽائون ڪاميٽين يا يوسين ۾ ڪجھ به ڪم ناھي ٿيو، عوام ان غيرقانوني عمل تي سخت ردعمل پيش ڪيو آھي ۽ عوام پاران ترقياتي ڪمن ۽ سھولتن لاءِ ايندڙ فنڊز ۽ بجيٽ ھڙپ ڪندڙ ڪامورن خلاف ۽ مختيارڪار آفيس ڪوٽڏيجي ۾ اسٽامپ وينڊر الھبچايو خاصخيلي جيڪو سرڪاري عمارت ۾ ويھي غريب عوام کي رجسٽرين جي مد ۾ ٻنھي ھٿن سان لٽي رھيو آھي خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ ھاءِ ڪورٽ آف سنڌ، محتسب اعليٰ سنڌ، وزيراعلي سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ،ڊي جي نيب سنڌ، چئيرمين اينٽي ڪرپشن سنڌ، سينئير ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪيٽري لوڪل گورنمنٽ ۽ ٻين وس وارن کان پرزور اپيل ڪئي آھي ته جيئن تعلقي ڪوٽڏيجي جي غريب عوام سان ظلم بند ٿيڻ گھرجي.
لياقت علي شيخ/ سوھو
تنگواڻي ۾ اُرڙي بي قابو!
ھن وقت سموري دنيا موتمار وبائي بيماري ڪورونا جي خوف ۾ وڪوڙيل آهي اتي وري ڪشمور جي تعلقي تنگواڻي ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ اُرڙي جي بيماري تيزيءَ سان ڦھلجڻ لڳي آھي ۽ چند مھينن اندر ڪيترائي ٻارڙا ھن موذي بيماريءَ جي سبب فوت ٿي چُڪا آهن. ميڊيائي رپورٽن جي انگن اکرن موجب ھن وقت تائين تنگواڻي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جنھن ۾ ڳھڻو خان کوسو، ڳوٺ ڪمال خان مگسي، ڳوٺ محمد مريد بھلڪاڻي، ڳوٺ ڪنڍو خان بکراڻي، تنگواڻي، ڪرمپور، الله ڏتو خان ڏاھاڻي، ڳوٺ صبح صادق خان کوسو، ڳوٺ رسول آباد، ڳوٺ مکڻو ملڪ ۽ ڳوٺ ميانداد جعفري شامل آهن، جتي مجموعي طور تي 20 کان مٿي معصوم ٻارڙا ارڙي سبب موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن پر سنڌ سرڪار، صحت کاتو ۽ ضلعي انتظاميا ھن سموري ماجرا کان بيخبر ۽ لاتعلق بڻيل آهي. مُجرماڻي غفلت سبب ڪيترن ئي غريب مائرن جون جهوُليون خالي ٿي ويون آهن. پورھيت طبقو جتي ڪورونا سبب لاڪ ڊائون ڪري بيروزگاري سبب اڳ ۾ ئي تنگدستي ۽ مھانگائي ڪري سخت مونجھارن جو شڪار آهي ۽ ٻن ويلن جي ماني لاءِ پڻ پريشان آهي، اھڙي صورتحال ۾ پنھنجي ٻچڙن جي علاج لاءِ پئسا نه ھجڻ ڪري حڪومت طرف واجھائي رهيا آهن. وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه، صحت جي صوبائي وزير ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور، ڪنڌڪوٽ کي تنگواڻي ۾ ارڙي جي وڌندڙ ڪيسز جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ جلد کان جلد ڊاڪٽرن جون ٽيمون متاثر علائقن ڏانهن روانيون ڪيون وڃن جيئن ھن خطرناڪ بيماري کان ترت ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھجي.
نورخان بکراڻي/ تنگواڻي
شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڏانهن!
عزت مآب، وائيس چانسلر، هن يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر آف پوسٽ گريجوئيٽ اسٽڊيز وارن ڪجهه ڏينهن اڳ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي مختلف شعبن ۾ داخلائون جو اعلان ڪيو هو پر اڳ جيان گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي پاڪستان اسٽڊي ڊپارٽمينٽ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون داخلائون بند هئڻ سبب هن يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي ڊپارٽمينٽ مان گريجوئيٽ پاس ڪندڙ شاگرد توڙي شاگردياڻيون تمام گهڻين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. “پنهنجي اخبار” وسيلي هن ڊپارٽمينٽ جا هزارين شاگرد ۽ اسڪالر اوهان کي عرض ڪن ٿا ته ڪجهه ڏينهن اڳ جاري ڪيل اشتهار ۾ ترميم ڪندي پاڪستان اسٽڊي ڊپارٽمينٽ ۾ به ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي داخلائن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن سالن کان آس رکندڙ اهي اميدوار به داخلائون وٺي پنهنجو ۽ ملڪ جو مستقبل سنواري سگهن.
عبدالستار کوکر/ ڪنب
پني عاقل ۾ روڊن جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير؟‎
پنوعاقل شهر توڙي ٻهراڙي جي روڊن جي مرمت نه ٿي سگهي آهي، سال گذري ويا آهن پر اڄ تائين تباهيءَ جو شڪار آهن، تعلقي پني عاقل جي عوام ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا پر اڄ تائين هتان جي ڪنهن به روڊ جي مرمت نه ٿي سگهي آهي، سڌوجا روڊ، ڀيلار روڊ، سينيما روڊ ۽ ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي روڊ مڪمل تباهه ٿي ويا آهن، بائيجي روڊ تي کڏا پئجي وڃڻ سبب روزانون ٽريفڪ متاثر ٿي رهي آهي. شهري تمام گھڻين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، روڊ خراب هجڻ ڪري گاڏين کي نقصان پهچي رهيو آهي، هتان جا چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به روڊ جي مرمت نه ڪرائي سگھيا آهن. ان کان سواءِ شهر جي ڪيترن ئي روڊن تي ڪچري جا ڍير پيل آهن، اڄ تائين ڪنهن به ان خلاف ڪو تحرڪ ناهي ورتو. اسان اعلى اختيارين ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته روڊن جي ٻيهر مرمت ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن عوان کي اچڻ ۽ وڃڻ ۾ سولائي پيدا ٿئي.
عبدالمجيد جسڪاڻي/پنوعاقل
ڪاڇي ۾ ٻوڏ کي سال ٿي ويو، روڊ نه ٺھيا!
ڪاڇو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، هتي تيل ۽ گئس نڪري رهيو آهي، تيل گئس ڪمپنين طرفان ڪاڇي جي ترقياتي ڪمن لاءِ تڪ جي چونڊيل نمائندن کي فنڊ ڏنا ويندا آهن اهي فنڊ دادو جوهي جا چونڊيل نمائندا ڪٿي خرچ ڪندا ڪندا آهن ان جي ڪنهن کي به خبر ناهي، ڪاڇو هر بنيادي سهولت کان محروم آهي، ڪاڇي ۾ نه گرلس اسڪول آهي نه گرلس ڪاليج، پيئڻ جي پاڻيءَ جي به ڪا سهولت ناهي، غريب مسڪين ماڻهن جي علاج لاءِ اسپتال ناهي، ڪاڇي ۾ نوجوانن لاءِ ڪو پلي گرائونڊ ناهي، مسافرن لاءِ مسافرخانو ناهي، تفريح لاءِ ڪو پارڪ ناهي، ڪاڇي جا ڳوٺ ۽ شهر هر بنيادي سهولت کان محروم آهن. ڪاڇي جي مين شهر واهي پانڌي جوهي کي پاڻ سان ڳيندڙ روڊ مڪمل تباھ ٿيل آهي، ٻوڏ کي هڪ سال گذري ويو آهي پر واهي پانڌي، جوهي روڊ جي مرمت نه ٿي سگهي آهي. واهي پانڌي جوهي روڊ تي اچ وڃ ۾ هتان جي رهواسين ۽ مسافرن کي تمام گهڻي تڪليفن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، وڏين گاڏين کي تمام گهڻو خطرو آهي، واهي پانڌي روڊ هنڌان هنڌان اکڙيل آهي، ڪاڇي ۾ترقياتي ڪم زيرو آهن، تڪ جا چونڊيل نمائندا ڪاڇي ۾ جڏهن ايندا آهن ته اسان جي ملڪ ۾ اليڪشن هوندي آهي، تڪ جا چونڊيل نمائندا چونڊ کٽڻ کان پوءِ غائب ٿي ويندا آهن. جنهن لاءِ آئون وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿو ڪريان ته ڪاڇي جي مسئلن طرف ڌيان ڏئي ڪاڇي واسين جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
پ ٽ الف اڳواڻن کي جونيئر استادن جي حقن لاءِ به آواز اٿارڻ گھرجي!
ڪجھ مھينا اڳ تعليم کاتي سنڌ پاران ھڪ شاندار پاليسي جاري ڪئي وئي هئي جنھن ۾ پرائمري استادن کي جي اي ايس ٽي ۾ پروموٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جنھن موجب جي اي ايس ٽي جي خالي سيٽن جي 50 سيڪڙو تي پرائمري استادن کي ترقي ڏئي کين 14 اسڪيل ۾ ترقي ڏيڻي ھئي. ظاھر آھي ته ان فيصلي سان سينيئر استاد جيڪي اڳ ئي 16 اسڪيل ۾ ڪم رھي ھئا انھن کي ته ڪو به فائدو ٿيڻو نه ھو، صرف آءِ بي اي ٽيسٽ، سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس، اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن کي سندن تعليمي سندن تحت 14 اسڪيل ۾ ترقي ملڻ ۽ مڊل يا ھاءِ اسڪول ڏانھن وڃڻ جو موقعو ملي ها، جنھن پاليسي کي جاري ڪندي ھڪ مھينو به نه گذريو ته مٿان ٻي پاليسي جاري ڪري پرائمري استادن جا پروموشن ھميشه لاءِ بند ڪيا ويا. جونيئر استاد اھو پڇڻ ۾ حق بجانب آھن ته پوري ملڪ يا سنڌ ۾ ڪھڙي کاتي ۾ ملازمن جي پروموشن تي پابندي آھي؟ صرف نوجوان استادن لاءِ ڇو اپگريڊيشن ۽ پروموشن کي ھڪ ٻئي جو ضد بنايو پيو وڃي؟ جڏھن ته تعليم کاتي ۾ ھن وقت به پرائمري کان ايڇ ايس ٽي پروموشن جي ڊي پي سي جا ليٽر نڪرن پيا. جي اي سي ٽو ايڇ ايس ٽي تي به پابندي ناھي. ايڇ ايس ٽي، ايڇ ايم ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ۾ ترقي وٺن پيا، باقي ڏوھ ڪيو صرف نوجوان ٽيسٽ پاس استادن! اسان ٽيسٽ پاس جونيئر استاد سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته ھر سرڪاري کاتي جيان تعليم کاتي ۾ به پروموشن ۽ اپ گريڊيشن واري پاليسي برقرار رکي وڃي ۽ ان سان گڏ پ ٽ الف اڳواڻن کي به گذارش ڪنداسين تنظيم جي پليٽ فارم تان جونيئر استادن جي حقن لاءِ به آواز اٿارين.
محمد امين سرواڻ/سجاول
حيدرآباد بچايو تحريڪ، شهر جي اهم مسئلن کي ڌيان ڏيو!
ضلعي جي انتظاميا جيڪا اعليٰ ذهانت جي امتحان سان چونڊجي ٿي پر عملي طور ان جي ذهانت ڪٿي به نظر نٿي اچي، صرف ذاتي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سڀني کان اڳتي نظر اچي ٿي، جنهن جو ثبوت سندن خراب ڪارڪردگي آهي. جنهن سان سماج کي ڪو به فائدو نه پيو ملي. موجوده ضلعي انتظاميا پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ ۽ سماج کي سڌارڻ بدران روايتي ڪردار ادا ڪرڻ تائين محدود آهي، جيڪا ڪمزور عوام جيان رڳو ذاتي مفاد جي تحفظ ۾ وقت پئي گذاري، جنهن ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت ناهي. حيدرآباد ترقياتي ادارو، واسا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۽ سنڌ بورڊ آف روينيو اهڙا ادارا آهن جيڪي حيدرآباد جي تباهي جا ذميوار آهن. ڪچيون آباديون جن ۾ رڳو قاسم آباد ۾ 80 کان وڌيڪ قديم ڳوٺ آهن، جن کي ليز ناهي ڏني وئي، جڏهن ته بلڊر مافيا کي ايڇ ڊي اي طرفان راتون واهه ليز ليٽر جاري ڪيا ٿا وڃن. نين اسڪيمن سان وچولي طبقي کي ڪو به فائدو نٿو ملي، رڳو امير ماڻهن کي فارم هائوس ٺهي مليا آهن، شهر جا ٽٽل روڊ ۽ رستا ناڪارا ڊرينيج جو نظام، ڪچري جي نيڪالي جو ناڪاره نظام، حددخلين سبب شهر جي ڪشادگي ۽ رونق تباهه آهي، پارڪ، راندين جا گرائوند ۽ قبرستان لاءِ وقف زمين جي تحفظ جو مسئلو، سبزي منڊي جي منتقلي، ايڪسپو سينٽر جي سنڀال، جي او آر ڪالوني جي ٻيهر تعمير، ڦليلي ۽ جمڙا واھ جي ڪنارن تي روڊن ۽ پلين جي تعمير، باءَ پاس سان گڏ سروس روڊن جي تعمير، واڌو واھ جي صفائي ۽ پاڻي جي نيڪال جو انتظام، سرڪاري زمين يا ملڪيتن جو تحفظ نه ڪري سگهڻ پڻ شامل آهن.
شبير کوکر/ قاسم آباد
سنڌين بحريا ٽائون کي رد ڪري ڇڏيو!
ملڪ رياض پاران بحريا ٽائون جي نالي تي سنڌ جي قديمي رھواسين توڙي سرڪاري زمين تي غيرقانوني قبضو ڪري بحريا اسڪيم شروع ڪئي، وقت قومپرستن توڙي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين بحريا تي سخت اعتراض واري ان وقت جي پ پ سرڪار توڙي ملڪي اعليٰ اختيارن کان بحريا اسڪيم رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، پ پ پ سرڪار ملڪ رياض سان ٻٽ ھجڻ سبب خاموش رھي، بحريا ٽائون لاءِ زمين آصف زرداري 16 ھزار ايڪڙ في جريب 35 زمين تي قبضو ڪري بحريا ٽائون ٺاھيو، قومپرستن توڙي سنڌ جي عوام ملڪ رياض ۽ زرداري خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ قومپرستن ملڪ رياض خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، نيٺ سپريم ڪورٽ 2018ع ۾ ملڪ رياض کي 3 مھينن ۾ ساڍا 4 ارب رپيا ادا ڪرڻ ۽ بحريا کي 16 ھزار ايڪڙن تائين محدود ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ بحريا ٽائون کي رد ڪرڻ جو پڻ حڪم نامو جاري ڪيو. ياد رھي ته ملڪ رياض 3 سال گذري وڃڻ باوجود سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪيو، ملڪي ادارن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن توڙي حڪومتي نااھلي سبب قومپرستن گذريل 6 جون تي بحريا ٽائون آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو، سنڌي جي عوام غيرت جو مظاھرو ڪيو، سنڌ جي ماڻھن زرداري پاران رستن تي مقرر نجي فورس جون رڪاوٽون ٽوڙي لکن جي تعداد ۾ بحريا جي مک گيٽ اڳيان پھچي تاريخي ڌرڻو ھڻي ثابت ڪيو ته سنڌي عوام سجاڳ آھي، سنڌي عوام سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻي ٿو، مان سنڌ جي عوام کي 6 جون تي ڪامياب ڌرڻي جون لک لک واڌايون پيش ڪريان ٿو. سنڌ جي عوام 6 جون تي بحريا خلاف ريفرنڊم ڏئي بحريا کي رد ڪري ڇڏيو. ملڪي ادارا وقت جي حڪومت ۽ رياست سنجيدگيءَ جو مظاھرو ڪري بحريا کي رد ڪن، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اپيل آھي ته 2018ع ۾ ڏنل فيصلي تي عمل ڪرائي بحريا کي رد ڪري ملڪ رياض کي گرفتار ڪري مٿس توھين عدالت ۽ سنڌ جي سرڪاري زمينن تي قبضي جا ڪيس داخل ڪيا وڃن.
اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي
سنڌ جو اجتماعي شعور ۽ بحريا ٽائون جي سازش!‎
“جدوجهد جاري رکو ۽ وطن جي هڪڙي ٻاري به دشمن کي نه ڏيو” هي لفظ ويٽنامي عظيم هيرو هوچي منهه جا آهن، جنهن پنهنجي ننڍڙي ملڪ کي سامراجي ملڪن جي يلغارن کان اهڙي ته همت ۽ جرئت سان بچايو جو دنيا حيران رهجي وئي، اهو ان ڪري ممڪن ٿيو ته مظلوم ويٽنامين وٽ جديد هٿيار هئا يا ڪي ميزائيل هئا، اهو تڏهن ٿيو جڏهن ويٽنامي جاڳيا، دشمن خلاف وڙهڻ لاءِ، ننڍو توڙي وڏو تيار ٿيو ۽ ويٽنام جو اجتمائي شعور جاڳيو. تان جو دنيا ڏٺو ته آمريڪين کي ڀڄڻ لاءِ رستو به هٿ نه پي آيو. 6 جون تي اهڙو ئي سنڌ جو اجتمائي شعور جنهن ڌرتي دشمنن ۽ سرمائيدارن جو ننڍون فٽائي ڇڏيون، جنهن سموري سنڌ کي هڪ آواز ڪيو ۽ اها گونج هئي ته “بحريا ٽائون نامنظور، جهيڙو آ، جهيڙو آ، سنڌ جا دشمن تو سان جهيڙو آ” بحريا ٽائون جيڪا سڌيءَ طرح ولار آهي ۽ سنڌ کي ٻيو فلسطين بنائڻ جي سازش آهي. ان خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي 6 جون تي بحريا جي مک گيٽ تي ڌرڻي ۽ پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ سنڌ واسين کي شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو ويو، ان فرض لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڌرتي جا حلالي پٽ پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پهتا. لکن جي تعداد ۾ جڏهن ڌرتي جا وارث بحريا جي مک گيٽ تي پهتا ته سنڌ دشمن قوتن جون وايون بتال ٿي ويون. جوڌن کي ڏسي انهن کي پنهنجا آخري ڏينهن ياد اچڻ لڳا، ان ڪري هنن پرامن احتجاج تي شيلنگ ڪئي، ماڻهن تي لٺيون وسايون ۽ شرپسندن سان گڏجي بحريا جي گيٽ کي باهه ڏني، اندڙ گھڙي ڀڃڊاهه ڪئي. مطلب ته هڪ هٿرادو جواز پيدا ڪري بيگناهه سنڌين، ڪارڪنن ۽ جسقم چيئرمين صنعان خان کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو مذمت جيڪو عمل آهي. اسين سنڌ واسي اهڙي عمل جي نندا ٿا ڪريون، گرفتار ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي آزاديءَ جي گهر ٿا ڪريون. اسان سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن کي سنڌ جو اجتمائي شعور بيدار ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ جي مالڪي ڪرڻ تي جس ڏيون ٿا، جن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، هوت خان گاڏهي، سائين جلال محمود شاهه، صنعان خان قريشي، رياض چانڊيو سميت ڪيترائي ڌرتي جا حلالي پٽ شامل آهن.
غلام الله گاڏهي /نصيرآباد
بحريا خلاف سنڌ اٿي پئي، انتظاميا جون سازشون ناڪام ويون!‎
6 جون تي سنڌ جي سڏ تي قومپرست پارٽين سان گڏ سنڌ جو ٻچو ٻچو، مردم عورتون، اخبارن جا ايڊيٽر، نمائيندا، لکيل پڙھيل باشعور طبقو، ھاري ناري، پورھيت ۽ مزدور “بحريا ٽائون نامنظور” خلاف گڏ ٿيا ۽ اھو ثابت ڪيو ته سنڌي ھڪ پيج تي آھن، متحد آھن. ھزارين جي انگ ۾ عوام ڏسي حڪومت حلقن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو ۽ پوليس جا اٽالا گھرايا ويا جن فائرنگ، ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينين جو استعمال ڪري سنڌي عوام کي ڇڙوڇڙ ڪيو. اڳواڻن ۽ عورتن کي گرفتار ڪيو، اسين ان هڪ طرفي ايڪشن خلاف سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. سنڌ دشمن رياض ملڪ ۽ وڏيرن، ڀوتارن کي ھيءَ ڌرڻو منھن تي چماٽ آھي. ايم آر ڊي جي تحريڪ 1983ع لڳي ان تحريڪ جو 6 جون جھڙو ڏيک ھو. سنڌ جو سنڌي ماڻھو جيلن کان ته نه ڊنو آھي نه ڊڄندو پر ھن وقت جيڪي جيلن ۾ گرفتار ٿيا آھن ۽ گرفتاريون شروع ڪيون ويون آھن، انھن جي سنڌ جي قومپرست پارٽين، سنڌي وڪيلن ۽ سنڌ حڪومت کي سنڌي ماڻھن جي مالڪي ٿيڻ گھرجي. اسان لسانيت کي هٿي ڏيندڙ اردو ميڊيا ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ سنڌ ۾ 12 سالن کان حڪومت ڪرڻ وارن جي پڻ سخت لفطن ۾ مذمت ڪيون ٿا جيڪي سنڌين جا ڳوٺ ڊهڻ وقت ته خاموش هئا پر هاڻي هو بحريا جي هٿ ٺوڪي سازش تي اٿي کڙا ٿيا آهن، کين وسارڻ نه گھرجي ته آخر هو سنڌ ۾ ٿا رهن، سنڌين سان سندن وير ڪيستائين جاري رهندو؟ هڪ ڏينهن اهو به ايندو جو کين لڪڻ لاءِ جاڻي نه ملندي.
شفيق حسين وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
طالب پليپوٽي ٻڌايو ته آئون جڏهن به نماز ۾ بيهندو آهيان ته منهنجي ذهن ۾ ڳجھن جا ٻچا ايندا آهن، مون هڪ وڻ ڪپيو هو جنهن ۾ ڳجھه پنهنجي ٽن ٻچن سان رهندي هيئ، وڻ ڪپڻ کان پوءِ اهي سڀ ٻچا مري ويا ۽ ڳجھه ڪافي ڏينهن تائين اُتي اُداس ۽ اڪيلي بي گھر ويٺي هوندي هئي، ڳجھه جي گھر تي ڄڻ طالب ايٽمي بم هنيو هجي، هڪ ٽهڪ سان گڏ مزمل چيو، مون کي ڪنهن مظلوم پکي تي کلندڙ ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آئي ۽ مون ساٿين کي هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ايٽمي بمباري بابت ٻڌايو ته هيروشيما شهر اوٽا نديءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ جتي اوٽا ندي ستن ننڍن واهڙن ۾ ورهائجي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. انهيءَ واهڙن جي وچ ۾ آباد آهي. اهڙيءَ ريت هي شهر ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. اهو سمنڊ جي سطح کان تمام ٿورو اونچائي تي واقع آهي. شهر جي اتر اولهه ۽ اتر اوڀر طرف تي ڪجھه جابلو ٽڪريون موجود آهن، شهر جي اُڀرندي ڀاڱي ۾ هڪڙي ٽڪري اڌ ميل کن ڊگھي ۽ 221 فوٽ مٿانهين آهي ۽ اهو ئي علائقو بيماريءَ کان جزوي طور بچيو باقي هيروشيما جو سمورو شهر ايٽم بم ۾ مڪمل تباهه ٿي ويو. انهيءَ وقت شهر جي 26 چورس ميلن جي ڪُل ايراضيءَ مان فقط 7 چورس ميلن جي علائقي ۾ تعميراتي ڪم مڪمل ٿيل هو، جنهن ۾ واپار، رهائش توڙي صنعت لاءِ مخصوص ڀاڱا الڳ الڳ نموني تعمير ٿيل ڪونه هئا. ڪارخانا توڙي ورڪشاپ، رهائش توڙي واپاري علائقي جي وچ ۾ ئي قائم ٿيل هئا. آئون اڃا چپ چوري رهيو هئس ته رشيد ڏيٿي مون کي مظلوم سنڌين لاءِ لکيل نئين شاعري ٻڌائڻ لاءِ چيو.، مون مرڪي ڳالهه ٽارڻ ٿي چاهي پر هو مون واري ڊائري کڻي آيو ۽ چوڻ لڳو ته سردار دريا خان جمالي ۽ الطاف جمالي واري شاعري آئون هن کي ٻڌايان جيڪي 2014 کان بي گناهه سکر جيل ۾ قيد آهن.
توهان پنهنجي ئي وطن مان،
شهرن، ڳوٺن مان، پنهنجي ٻچن جي اڳيان،
ڏينهن ڏٺي جو، کنڀيا وڃو ٿا،
ساڙيا وڃو ٿا، عذاب گھرن ۾،
واڙيا وڃو ٿا، چٿي چيچلايا وڃو ٿا،
جانورن جيان، ڪُٺا وڃو ٿا،
بي گورو ڪفن، ماريا وڃو ٿا،
يا هفتي ۾ هڪ ڀيرو، ڪنهن قيديءَ جيان،
ساريا وڃو ٿا.
ڏاڍي ڏکيائيءَ سان اڄ عيد جو آخري ڏينهن ۽ آچر جو ڪارو ڏينهن به ختم ٿيو، طالب ۽ مزمل نو ٽِڻ راند ويٺا کيڏن، رشيد ٽي وي ويٺو ڏسي ۽ منهنجو بسترو منهنجو منتظر آهي.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (16 مئي 2021)