وفاقي حڪومت واقعي سنڌ کي پنهنجو صوبو نه ٿي سمجهي ؟

0
274
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

جڏهن به سنڌ ڪنهن معاملي تي پنهنجي جائز حصي جي ڳالهه ڪئي آهي ته هڪڙيون ڌريون ۽ وفاق ۾ ويٺل حڪمران ان تي “صوبائي عصيبت” جو الزام لڳائڻ شروع ڪري ڇڏينديون آهن. وفاق صوبن کانسواءِ ڪجهه به ناهي اهي صوبا ئي آهن جيڪي وفاق جوڙين ٿا جيڪڏهن انهن صوبن مان ڪنهن هڪ سان پنهنجي حصي ۾ زيادتي ٿئي ٿي ته اها بذات خود انهي وفاق سان زيادتي آهي. خوشقسمتي چئجي يا بدقسمتي ته هن وقت وفاق،پنجاب،ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادين جون حڪومتون آهن رڳو سنڌ ئي واحد صوبو آهي جتي پ پ جي حڪومت آهي ۽ ايئن کڻي چئجي ته وفاقي حڪومت جي سياسي مخالف پارٽي جي انهي صوبي ۾ حڪومت آهي تنهن ڪري انهي صوبي مان ئي وفاق خلاف نظرانداز ڪرڻ جون شڪايتون اچن ٿيون، پوءِ اهو معاملو اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبي جو طئي ٿيل حصي جو هجي ،پاڻي جي معاملي تي سنڌ سان زيادتي تي وفاق جي پنجاب يا ارسا کي حمايت هجي خاموشي، ماڪڙ جي حملي ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي وفاق جو ڌيان نه هجي يا ڪورونا جي وائرس جي حملي ۾ امدادي سامان کان وٺي ٽيسٽ ڪٽس جو معاملو هجي وفاقي حڪومت سدائين سنڌ سان ايئن رويو رکيو آهي ڄڻ اهو وفاق جو حصو ئي ناهي،بلڪه هڪ ڀير ي ته شعوري يا لاشعوري طور وزيراعظم پاڻ اهو چئي ويو ته سنڌ اسان جو صوبو ئي ناهي جنهن تي سخت ردعمل اچڻ کانپوءِ وزيراعظم کي پنهنجي انهي ڳالهه جي وصاحت ڪرڻي پئي پر جيڪڏهن عملي طور ڏسجي ته وزيراعظم يا وفاقي حڪومت واقعي ايئن سمجهن ٿا ته جيئن ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ناهي ته پوءِ اها وفاقي حڪومت جي ذميواري ۾ به نه ٿي اچي جيڪا سوچ سنڌ کان وڌيڪ وفاق لاءِ انتهائي خطرناڪ سوچ آهي.
سنڌ هن وفاق جي هڪ اهم ايڪائي آهي بلڪه هن ملڪ جو خالق صوبو آهي رڳو ان کي سياسي مخالفن جي حڪومت جي جواز تحت نظرانداز ڪرڻ واري سوچ ڪنهن به ريت مانسب ناهي،وفاقي حڪومت ۾ ويٺل ناعاقبت انديش اهو نه ٿا سوچين ته جڏهن اهي ڪي پاليسيون ۽ رٿائون جوڙين ٿا ته انهي صوبي جي حڪمران پارٽي جي مشوري سان ئي انهن کي جوڙڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته ڀلي کڻي صوبي جي حڪمران پارٽي انهن کي نه ٿي وڻي پر سنڌ جي اڪثريتي عوام ان کي چونڊي اقتدار تي ويهاريو آهي تنهن ڪري عوام جي ووٽ جي احترام طور ان حڪومت کي مڃتا ڏيڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي. ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ٿيل اين اي سي جي اجلاس ۾ پيش ڪيل وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي اهو ڪنهن به ريت مناسب ناهي جنهن تان مجبور ٿي وڏي وزير کي وزيراعظم آڏو احتجاج به ڪرڻو پيو پر وزيراعظم وري ان احتجاج کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ سنڌ لاءِ اڄ تائين ڪوبه وڏو پراجيڪٽ وفاقي حڪومت طرفان نه ڏنو ويو آهي جڏهن ته جيڪي پي ٽي آءِ جي سنڌ مان چونڊيل ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي وفاقي فنڊ ڏنا ويا آهن اهي به انهي وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ شامل ڄاڻايا ويا آهن جيڪا سراسر نانصافي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته سپريم ڪورٽ ڪنهن به ايم اين اي يا ايم پي اي ذريعي ترقياتي فنڊ ڏيڻ کان روڪي چڪي آهي ٻيو ته اهو صوابديد صوبائي حڪومت جو آهي ته اها وفاق کي پنهنجي ۽ صوبي جي ضرورت آهر گهربل پراجيڪٽ ٻڌائي جنهن جي صلاح سان وفاق اهي پروگرام ترقياتي بجيٽ ۾ شامل ڪري.
اسان سمجهون ٿا ته سياسي مخالف پارٽي جي حڪومت هئڻ ڪري سڄي صوبي کي ئي مخالف صوبوسمجهڻ جي روش وفاق کي ڪمزور ڪندي. اڳين حڪومتن ۾ به کوڙ ڀيرا ايئن ٿي چڪو آهي ته وفاق ۾ جنهن صوبي جي حڪومت هوندي آهي ڪنهن صوبي ۾ ان پارٽي جي حڪومت نه هوندي آهي پر اهي سياسي بالغ پڻي جو مظاهرو ڪندي انهي صوبي کي وفاق جي ترقياتي پروگرام ۾ ان جو جائز حصو ڏينديون رهيون آهن تنهن ڪري پي ٽي آءِ جي هن حڪومت کي به پنهنجي رويئي ۾ تبديلي آڻي سنڌ کي ان جي جائز حصو ڏيڻ گهرجي ايئن نه ٿئي ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جو عوام پاڻ سان ٿيل انهن ناانصافين کي ذهن ۾ رکي پي ٽي آءِ کي رڳو پنجاب ۽ ڪي پي جي ئي پارٽي سمجهي.