ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ

    0
    245

    سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بحريا معاملي ۾ گرفتار ٿيلن جي آزادي لاءِ ڀرپور مهم هلائي وئي، رليز آل سنڌي نيشنلسٽ، رليز جسقم چيئرمين، رليز صنعان قريشي، رليز بي ٽي ڪي پروٽيسٽرس، رليز دانش ترڪ هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايا ويا. ٽوئيٽر تي چيو ويو ته بحريا ٽائون واري احتجاج کانپوءِ گرفتار ٿيل سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، صنعان قريشي کي آزاد ڪيو وڃي، احتجاج ڪندڙن مٿان داخل ڪيل دهشتگردي جا ڪيس ختم ڪيا وڃن. ان کانسواءِ اڄوڪي احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل به ڪئي وئي.