وفاقي سرڪار پاران پنجاب ۾ٻن مهينن لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جو اعلان

0
224
رينجرز مقرر ڪرڻ جو اعلان
وفاقي سرڪار پاران پنجاب ۾ٻن مهينن لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پنجاب ۾ ٻن مهينن لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيوته فرانس جو سفير پاڪستان ۾ موجود ئي نه آهي، ٽي ايل پي جي ايجنڊا ڪا ٻي آهي

وفاقي وزير چيو ته ڪراچي جيان سموري پنجاب ۾ به رينجرز مقرر ڪري رهيا آهيون ۽ رينجرز ٻن مهينن لاءِ صوبي ۾ موجود رهندي. پنجاب حڪومت ڪٿي به ضرورت پوڻ تي رينجرز کي ڪارروائي لاءِ گهرائي سگهندي. شيخ رشيد چيو ته آرٽيڪل 147 تحت صوبي ۾ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ پنجاب حڪومت کي رينجرز کي ڪٿي به استعمال ڪرڻ جو اختيار هوندو

وفاقي گهرو وزير چيو ته اسان ٽي ايل پي سان ڪيل وعدا پورا ڪيا، پر ٽي ايل پي وارا پنهنجن وعدن تان ڦري ويا. هنن خاطري ڪرائي هئي ته هو احتجاج بند ڪري رستا کولي ڇڏيندا. شيخ رشيد چيو ته ٽي ايل پي کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هنن تشدد جو دڳ نه ڇڏيو ته سڀاڻي هنن جو نالو عالمي دهشتگرد تنظيمن ۾ به شامل ٿي سگهي ٿو

ھي بھ پڙھندا

وزيراعظم پاران بندش پيل تنظيم جا غيرقانوني مطالبا مڃڻ کان انڪار، مظاهرين کي سختيءَ سان منهن ڏيڻ جي هدايت

وفاقي سرڪار پاران ٽي ايل پي کي ويڙهاڪ تنظيم طور منهن ڏيڻ جو اعلان

 

ھي وڊيو بھ ڏسندا