وزيراعظم پاران بندش پيل تنظيم جا غيرقانوني مطالبا مڃڻ کان انڪار، مظاهرين کي سختيءَ سان منهن ڏيڻ جي هدايت

0
245
مطالبا مڃڻ کان انڪار
وزيراعظم پاران بندش پيل تنظيم جا غيرقانوني مطالبا مڃڻ کان انڪار، مظاهرين کي سختيءَ سان منهن ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا کي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته بندش پيل تنظيم ٽي ايل پي جا غيرقانوني مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا، مظاهرين کي جي ٽي روڊ تي روڪڻ جو فيصلو به ڪيو ويو

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان شهرين جي رستا روڪ ڪندڙن، روڊ بلاڪ ڪندڙن ۽ تشدد ۾ ملوث ماڻهن کي سختيءَ سان منهن ڏيڻ جي هدايت به ڪئي. وزيراعظم کي اجلاس دوران بندش پيل تنظيم ٽي ايل پي جي احتجاجي مارچ بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته مظاهرن کي جهلم کان اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويندو ۽ جي ٽي روڊ تي روڪيو ويندو

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته جهلم پل تي رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان اجلاس دوران بندش پيل تنظيم جا غير قانوني مطالبا تسليم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا پاران رياست جي رٽ قائم رکڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان شهرين جي رستا روڪ ڪندڙن کي سختيءَ سان منهن ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. عمران خان چيو ته پوليس وارن کي مارڻ سياسي ڪارڪنن جو ڪم نه آهي ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين. ڪنهن کي به سياسي مقصدن لاءِ تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ نه ڏينداسين