ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ايڪشن: ڪورونا ٽيسٽس ۽ وئڪسينيشن جا جعلي ڪارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس ٺاهيندڙ گينگ گرفتار

0
163
ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ايڪشن
ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ايڪشن: ڪورونا ٽيسٽس ۽ وئڪسينيشن جا جعلي ڪارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس ٺاهيندڙ گينگ گرفتار

ڪراچي (حبيب جمالي) ايف آءِ اي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي ڪورونا وئڪسينيشن ۽ پي سي آر ٽيسٽس جا جعلي ڪارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس ٺاهيندڙ گينگ جي 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر عمران رياض ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 14 جوابدارن تي ٻڌل گينگ ڪورونا وئڪسينيشن توڙي ٽيسٽس جو جعلي ريڪارڊ، ڪارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس تيار ڪري ماڻهن کي وڪرو ڪرڻ واري ڪاروبار ۾ ملوث رهي آهي

عمران رياض ٻين آفيسرن سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته گينگ ۾ صحت کاتي جا 2 ملازم به شامل آهن، جن ۾ هڪ ليب ٽيڪنيشن ۽ هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر به شامل آهي. هن ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوابدار ماڻهن کي پئسن عيوض ڪرونا وئڪسينيشن جا جعلي سرٽيفڪيٽ ٺاهي ڏئي رهيا هئا. جعلي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙن جو لسٽون ملي ويون آھن. وڌيڪ جاچ لاءِ انھن کي به طلب ڪنداسين. هن چيو گينگ ۾ شامل جوابدار پرڏيهه ويندڙ ماڻهن کي ڳرين رقمن عيوض ڪورونا وئڪسينيشن جا جعلي ڪارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ وڪرو ڪندا رهيا آهن ۽ شهر ۾ اهڙيون ٻيون گينگس به ملوث هئڻ جا اطلاع آهن

ايف آءِ اي سائيبر ونگ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر وڌيڪ ٻڌايو ته جعلي سرٽيفڪيٽس جي تياري لاءِ 15 سئو جعلي انٽريز ڪيون ويون ۽ 500 جعلي وئڪسينيشن ڪارڊز به جاري ڪيا ويا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جعلي سرٽيفڪيٽس واري هن ڪاروبار ۾ نادار ملازمن جي ملوث هئڻ جون في الحال ڪي شاهديون نه مليون آهن ۽ معاملي جي وڏي پيماني تي جاچ جاري آهي

 

ھي وڊيو بھ ڏسندا