هڪ ڊالر جو سڪو 13 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو

0
244

ٽيڪساس(دلچسپ نيوز) هڪ ڊالر جو سڪو 13 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ٽيڪساس جي هيريٽيج آڪشنز ۾ نيلامي ٿي، آمريڪي ڊالرجي پهرين نموني پروٽو ٽائپ جو هڪ ڊالر جو سڪونيلام لاءِ رکيوويو، اهو سڪو 1794 ۾ فلاڊلفيا جي سرڪاري ٽڪسال ۾ تيار ڪيو ويو هو، پروٽو ٽائپ سڪوعام استعمال بدران نموني طوررکيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته ان کي ڏسي روزاني استعمال وارا ٻيا سڪا تيار ڪيا ويندا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهوسڪو ٽيڪساس رينجرزجي مالڪ ۽ ارب پتي واپاري باب سمپسن جي ملڪيت هو، جيڪو پاڻ ناياب سڪا جمع ڪرڻ جو شوقين هو، هيريٽيج آڪشنز جي ترجمان ايرڪ بريڊلي موجب جمعي واري شام جو ان سڪي جي نيلامي جي شروعات 3 لک 12 هزار ڊالر ٻولي سان ڪئي وئي، مالڪ کي اهو اندازو ئي نه هو سندس سڪي جي ايڏي وڏي ٻولي لڳندي، بعد ۾ اها ٻولي وڌندي وئي ۽ سڀ کان وڏي 5 لک 40 هزارڊالرٻولي لڳائي وئي.