پٽ جي پيدائش تي خاندان مٿا ڪوڙائي ڇڏيا

0
258

گوجرانوالا(دلچسپ نيوز) پٽ جي پيدائش تي خاندان مٿا ڪوڙائي ڇڏيا. هڪ خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب گوجرانوالا ۾ هڪ خاندان مراد پوري ٿيڻ تي انوکي سکان ڏني، شهري عثمان ۽ سندس ڀائرن کي پٽ جو اولاد نه ٿي رهيو هو، خاندان پنهنجي پير جي مزار تي وڃي پٽ لاءِ انوکي سکان رکي، 10 سالن بعد عثمان جي گهر پٽ ڄائو ته سڄي خاندان سکان ڏني، خنادان جا سمورا ڀاتي 10 مهينن کان هر15 ڏينهن گنج ڪرائين ٿا. ان حوالي سان انهن هڪ حجام به رکي ڇڏيو آهي جيڪو هر 15 هين ڏينهن تي اچي کين گنجو ڪري وڃي ٿو. ان موقعي تي انهن هڪ نعرو به لڳايو. هنن نعرو هڻندي چيو ته نعرو لڳائڻ چاهيون ٿا، گنجن کي پڙهائڻ چاهيون ٿا. گنجن کي عزت ڏيو.