دادو: اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي صاحب خان لنڊ جو چوڻ ڊاڪٽر حسنا سندس پڦاٽ جي ڏيءُ آهي، ايترو بي غيرت ناهيان جو کيس دوستي رکڻ لاءِ هراسان ڪيان، اصل ۾ جوهي هنن جي ميڊيڪل سينٽر جو ڪافي حصو حد دخلي ۾ اچي ٿو جنهن جو سندس پيء کي نوٽيس ڏنو آهي، ٻيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ صحت کاتي جي عملدارن ۽ پوليس اهلڪارن سان گڏ هنن جي ميڊيڪل سينٽر تي وياسين ۽ کين ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاء نوٽيس ڏنو آهي، ان تان بليڪ ميل پئي ڪري، هي گهر جو جهيڙو آهي، ٻي ڪا به ڳالھ ناهي.