سکر / ڪراچي (نمائندن وٽان) ميھڙ ۾ قتل ٿيل ٽن گھرڀاتين جي وارث اُم رباب چانڊيو پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي چاچي عبدالوحيد چانڊيو سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سردار چانڊيو جي چاچي سردار چانڊيو پاران ڪيل ظلمن بابت اھم انڪشاف ڪيا ويا آھن، ان سلسلي ۾ ام رباب چانڊيو جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي ڪٽنب جي ٽن ڀاتين کي قتل ڪرائيندڙ سردار چانڊيو پنهنجي چاچي کي به ناهي بخشيو، ملاقات ۾ عبدالوحيد چانڊيو جو چوڻ ھو ته سردار چانڊيو طاقت جي زور تي سردار ٿي ويٺو، هن سندس ملڪيتن تي به قبضو ڪيو آهي، سردار چانڊيو ظلم ڪري رھيو آھي، ام رباب چانڊيو وڊيو پيغام ۾ چيو ته سردار چانڊيو جي ڏاڏي جي وصيت مطابق عبدالوحيد چانڊيو کي سردار ٿيڻو هو، والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنديس.