دادو ( رپورٽر ) جوهي ۾ خانگي ڪلينڪ هلائيندڙ رٽائرڊ ايڊيشنل سيڪريٽري محمد جعفر لنڊ جي ڏيءُ ڊاڪٽر حسنا بلوچ جوهي جي اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب خان لنڊ تي دوستي رکڻ لاءِ هراسان ڪرڻ جو الزام هڻي ڇڏيو آهي. حسنا بلوچ ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو منومل کڳيجا جي عدالت ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي کان تحفظ فراهم ڪرڻ سيڪشن 22، اي بي هيٺ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر حسنا بلوچ ڄاڻايو آهي ته هوء جوهي ۾ خانگي ڪلينڪ هلائيندي آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي ڪيترن ئي مهينن کان مسلسل کيس دوستي رکڻ لاء ميسيج ڪندو آهي ۽ کيس ڪالون به ڪيون آهن مان سندس نمبر بلاڪ ڪيو ته وري ٻين نمبرن تان دوستي لاءِ انتهائي غلط نوعيت جا ميسيج ڪري ٿو جن بابت مان نه ٿي ٻڌائي سگهان پر ميسيج جا اسڪرين شاٽ عدالت ۾ پيش ڪيا آهن ، مٿان وري اسسٽنٽ ڪمشنر پوليس اهلڪارن سان گڏ سندس ڪلينڪ تي پهچي پنهنجو روب تاب ڏيکاري ٿو، ان ڪري کيس اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي مان خطرو آهي کيس تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي، عدالت ڊاڪٽر حسنا بلوچ جي اهڙي درخواست تي عدالت اسٽنٽ ڪمشنر کي 9 جولاء تي طلب ڪيو آهي.