ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ صحت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري )ايڊمن( جي اهم عهدي تي ويٺل وفاقي سروس جي ڪاموري کي اسٽبلشمينٽ ڊويزن 4 مهينن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو، اسٽبلشمينٽ ڊويزن پاران 8 سالن کان سنڌ ۾ مقرر ڪاموري کي واپس اچڻ لاءِ لکيل خطن جو جواب نه ڏيڻ تي سندس خلاف چارج شيٽ تيار ڪرڻ جو فيصلو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب صحت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري )ايڊمن( جي اهم عهدي تي مقرر آفيس مينيجمينٽ سروس جو 18هين گريڊ جو ڪامورو 8 سالن کان سنڌ ۾ مقرر ٿيل آهي. ذريعن موجب سال 2012ع ۾ منصور وساڻ جون ڊيپوٽيشن جي بنياد تي خدمتون سنڌ سرڪار حوالي ڪيون ويون هيون پر اهو ڪامورو 8 سالن کان اسٽبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن واپس ناهي ويو، اسٽبلشمينٽ ڊويزن پاران 3 سالن جو ڊيپوٽيشن جو مُدو پورو ٿيڻ بعد ڪيترائي ڀيرا خط به لکيا ويا، منصور وساڻ انهي عرصي دوران اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ نه رپورٽ ڪيو ۽ نه ئي وري خطن ۽ جاري ٿيندڙ شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏنو، جنهن بعد ڪالهه اسٽبلشمينٽ ڊويزن کيس 4 مهينن لاءِ معطل ڪري وفاق ۾ رپورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي سالن کان ليٽرن ۽ شوڪاز نوٽيسن جا جواب نه ڏيڻ تي منصور وساڻ خلاف اسٽبلشمينٽ ڊويزن پاران چارج شيٽ تيار ڪرڻ ۽ رولز 2020 ع تحت ڪارروائي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف معطل ٿيل منصور وساڻ اسٽبلشمينٽ ڊويزن کي خط لکي وفاق وٽ جوائننگ ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي سيڪريٽري منصور وساڻ “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته اڳ ۾ سنڌ حڪومت پاران رليو نه ڪرڻ سبب واپس نه پي ويس، هاڻي اسٽبلشمينٽ ڊويزن کي واپس اچڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.