هي آهن اسان جا حڪمران ۽ سياستدان

0
267
سنڌ جي تاريخ جي اهم موڙ واري دور بابت هڪ ناول

  ڳالهه جي شروعات ڪيون ٿا گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس جي پاڪستان جي دوري دوارن اسلام آباد واري بريفنگ کان، جڏهن کيس ملڪ جي اڪثريتي حصي ۾ آيل برساتي ٻوڏ جا تفصيل ٿي ٻڌايا ويا. سچي ڳالهه اها آهي ته اهي لمحا ڪيڏي نه شرمندگي جا هئا جڏهن هن اين ڊي ايم اي جي سيڪريٽري جنرل کان منڇر ڍنڍ توڙي امڪاني ٻين برساتن جي حوالي سان ٻه سوال ڪيا ۽ جنهن نموني جا جواب کيس مليا. ٿيو هيئن جو وزير اعظم شهباز شريف، احسن اقبال ۽ اين ڊي ايم اي جي سربراهه پنهنجون رٽيل طرز ۽ خوشامدي انداز واريون تقريرون پوريون ڪيون ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس برساتي ٻوڏ ۽ ان جي تباهي بابت ڏنل ان بريفنگ  بعد سوال ڪيو ته “ڇا پاڪستان ۾ اڃان ٻين برساتن جو خطرو آھي؟” جنهن تي اين ڊي ايم اي جي سربراهه ميجر جنرل ظفر اقبال جواب ڏنو، “موسميات کاتي جو چوڻ آھي ته خطرناڪ برساتن جو امڪان ناهي، اسان ڏسي رهيا آهيون ته پنجويهه سيپٽمبر کان انڊيا کان ايندڙ سسٽم جي ڇا پوزيشن بيهي ٿي، پر موسمياتي تبديلين سبب اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي اسان ڌيان سان ڏسي رهيا آھيون.” هي اسان جي سائنسي ترقي جو حال آھي، مون سيڪريٽري جنرل جي تاثرن مان اندازو لڳايو ته ان جواب تي ڪيڏو نه حيران هو، پر هن کي اچرج ته ان وقت به ٿيو هو جڏهن ان سوال کان اڳ هن هٿ مٿي ڪري منڇر جي حوالي سان به سوال ڪيو ته: “ان ڍنڍ جي ڇا صورتحال آھي ڇا اها ڪنٽرول ۾ آھي؟”

ميجر جنرل ظفر اقبال پاران کيس ٻڌايو ويو ته، “ان جي ڪيپسٽي هڪ سو ٻاويهه فوٽ آھي پر اها 124 فوٽن تي پهچي وئي  ۽ پنجن تعلقن ۾ نقصان ڪيو اٿائين، اڄ اسان ريلوي لائين ۽ نيشنل هاءِ وي اين 55 کي ٽوڙي درياءَ ۾ پاڻي داخل ڪيو آھي پر پاڻي اڃان به بلوچستان مان اچي رهيو آھي، ان ڪري اسان وٽ خطري جو اهو وقت هڪ مهينو وڌيڪ هلندو.” ڳالهه ته اها هئي ته کيس ٻڌائجي ها، منڇر پاڻ ڪيتري خطري ۾ آهي ۽ ان ڪيترو نقصان ڪيو آهي؟ ان سان اهڙي صورتحال ڇو ٿي آهي ۽ اڃان ڇا ٿيئڻو آهي؟ اهو کيس سمجهائجي ها. بريفنگ ته جيڪا ٿي پر جڏهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وزيراعظم جي گڏيل ميڊيا ٽاڪ ٿي ته ملڪ جو وزيراعظم شهباز شريف اڪثر وقت سيڪريٽري جنرل جي تعريف ۾ خوشامدي انداز ۾ ته ڳالهائيندو رهيو پر هن شريف ماڻهوءَ جي ٻانهن کي ڏوري وٽان اهڙو پڪڙي بيٺو ڄڻ هو ڪو هتان ڀڄي ويندو. خير، اسان وارا همراهه خوش آهن ته هن سندن تعريف ڪئي، پر جتي هن دنيا کي جهنجهوڙيو ته انهن جي ڪاربن سبب هي سڀ ٿئي ٿو اتي پاڪستاني حڪمرانن کي ملڪ ۾ موسمياتي تبديلين سبب تباهين جو ذميوار به قرار ڏنو، سندس مختصر پر حقيقي فلاسافاڻي ڳالهه هن ريت هئي: “اها رڳو يڪجهتي جي ڳالهه ناهي پر انصاف جي ڳالهه آھي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جو شڪار ٿيو آھي، هن کي ٽيهه بلين ڊالر جي فنانشل ضرورت آھي. دنيا کي هاڻي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سنجيده ٿيئڻو پوندو، اڄ پاڪستان سڀاڻي ٻي ڪنهن ملڪ جو وارو اچي سگهي ٿو. اها حقيقت آھي ته اسان فطرت سان جنگ ڪئي ۽ اها ورائي اسان تي خوفناڪ جوابي حملو ڪري پئي.” اهو حصو ته دنيا بابت هو پر جيڪو هڪ جملو هتان لاءِ هو، اهو ڄڻ اسان وارن همراهن لاءِ ڪا معنى نه پيو رکي، هن چيو: “پاڪستان به موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاء ڪو خاص ڪم ناهي ڪيو.“

 ان بعد کيس سنڌ جا دورا ڪرايا ويا. هن پنهنجي اکين سان تباهيون ڏٺيون. ميڊيا ۾ به اظهار ڪيائين پر هن نائين ۽ ڏهين سيپٽمبر کان پوءِ پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جيڪي اسٽيٽس رکيا آهن، اهي ٻن طرح جا آهن هڪ ته هو پاڪستان ۾ ٿيل تباهين تي مسلسل ڏک جو اظهار ڪري رهيو آهي پر اسان جي حڪمرانن جي پت به وائکي پيو ڪري. مثال هن يارهين سيپٽمبر جي وڊيو ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۾ موسمي تبديلين سبب آيل ٻوڏ کي پنهنجي حياتي جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ واري تباهي ڄاڻايو آهي. ساڳئي ڏينهن ان کان اڳ هن هڪ ٽويئٽ ۾ لکيو: “پاڪستان ۾ متاثر ماڻهن جي المئي کي ڏسڻ سان گڏ مون هيروازم جي به انتها ڏٺي.” ان سان گڏ هن هتان جي عام ماڻهن جي هڪ ٻئي سان ٿيندڙ مدد کي به تمام گهڻو ساراهيو آهي. ڳالهه اها آهي ته اسان جي حڪمرانن ۾ ڏيکاءُ جي پِٽ تمام گهڻي آهي. هن پاران ڪتب آندل لفظ “هيروازم” جا ٻه پاسا آهن هڪ ته واقعي جن ماڻهن ڪم ٿي ڪيو اهي هيرو آهن ۽ ٻيا ڏيکاءُ وارا آهن.

جڏهن جولاءِ ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ پوءِ ڏکڻ پنجاب ۾ برساتن تباهيون آنديون پئي سنڌ ۽ وفاق جا حڪمران نيرو واريون بانسريون پيا وڃائن ۽ اقتدار کان ٻاهر وارا سياستدان، خاص ڪري عمران خان، اهو وري رڳو جلسن ۾ پورو هو. حقيقت ۾ ته اهو به اقتداري ئي آهي جو ٻن صوبن ۾ سندس پارٽي جي حڪومت آهي، ايئن چئي سگهجي ٿو ته هن وقت لڳ ڀڳ سڀ سياسي پارٽيون اقتدار ۾ آهن. اقتدار ۾ موجود يا ٻاهر اقتداري سياست ڪندڙ سياستدان بلڪل لاتعلق بڻيل رهيا ۽ جڏهن تباهي ٿي چڪي ۽ ڳالهه ضابطي کان چڙهي وئي آهي ته هاڻي ويٺا مرليون وڃائي رهيا آهن. سنڌ جي اڪثر وزيرن ۽ وڏي وزير جي باڊي لينگويج ئي ٻڌائي پئي ته کين ڪيترو صدمو پهتل آهي، انهن جا انداز، خطاب ۽ پهرڻ ئي سڀ ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهن. مٿان وري سنڌ پرست پارٽين کي موقعو هو ته اهي هن المئي ۾ ماڻهن سان بيهن ها، ڇو ته ماڻهن سان بيهڻ ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش به سياست جو حصو آهي، سياست رڳو گار گند، بيان بازي يا اقتدار ناهي. مون کي ته انهن تي اها به حيرت ٿي آهي ته ڪيمپن جا دورا پيا ڪن ۽ فوٽو پيا ڪڍائين، خاص طور سرڪاري ڪيمپن ۾. اصل ڪم ته ڏکويل ماڻهن جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ آهي. هن ڀيري هن ملڪ توڙي سنڌ جي هڪ وڏي حڪمران ۽ سياستدان طبقي جو ڪردار عوامي بجاءِ ڏيکاءُ وارو رهيو آهي، باقي جن ڪم ڪيو آهي انهن کي ماڻهو محبتن ۾ ياد رکندا ۽ انهن کي ان ڳالهه جي پرواهه به نه هجڻ گهرجي ڇو ته هنن پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو.